هڪ سال دوران بصر 23 ۽ پٽاٽا 7 رپيا في ڪلو مهانگا ٿيا: وفاقي شماريات کاتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي شماريات اداري تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ هڪ سال دوران مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. شماريات اداري طرفان آگسٽ 2018 کان آگسٽ 2019 تائين مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، جن موجب هڪ سال ۾ هڪ ڪلو کنڊ 20 رپيا مهانگي ٿي، جڏهن ته ٻاڪرو گوشت 84 رپيا في ڪلو، ڳائو گوشت 45 رپيا، جيئري برائلر مرغي 61 رپيا في ڪلو ۽ اڍائي ڪلو ڪوڪنگ آئل 82 رپيا مهانگو ٿيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ سال دوران 10 ڪلو ڪڻڪ 29 رپيا ۽ 10 ڪلو اٽي جي ٻوري 39 رپيا مهانگي ٿي، ان کانسواءِ باسمتي چانور 6 رپيا في ڪلو، مسور جي دال 21 رپيا، مڱن جي دال 57 رپيا في ڪلو، ماش جي دال 34 رپيا ۽ چڻن جي دال 13 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي. دستاويز موجب تحريڪ انصاف جي حڪومت جي پهرين سال ۾ ٿوم 133 رپيا في ڪلو ۽ تازو کير ۽ ڏهي 7-7 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي. شماريات اداري موجب هڪ سال دوران بصر 23 رپيا ۽ پٽاٽا 7 رپيا في ڪلو مهانگا ٿيا، جڏهن ته 200 گرام چانهه جي پتي جي اگهه ۾ 16 رپيا واڌ ٿي ۽ سگريٽ جو پاڪيٽ 25 رپيا مهانگو ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *