هلندڙ سال سڄي دنيا ۾ 65 صحافي قتل ڪيا ويا

پئرس (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال سڄي دنيا ۾ 65 صحافين ۽ ميڊيا جي نمائندن کي قتل ڪيو ويو، جن ۾ 9 عورتون به شامل آهن. صحافين جي عالمي تنظيم رپورٽرز  وِد آئوٽ بارڊرز موجب صحافين لاءِ خطرناڪ ترين ملڪن جي فهرست ۾ شام جو پهريون نمبر برقرار آهي، جتي 12 رپورٽرن کي قتل ڪيو ويو، ان کانپوءِ ميڪسيڪو جو نمبر اچي ٿو، جتي 11 صحافي ماريا ويا. واضح رهي ته مجموعي طور گذريل 14 ورهين دوران صحافين جي قتل جي حساب سان هلندڙ سال اهو انگ سڀني کان گهٽ آهي، جڏهن ته 2017ع ۾ خطرناڪ خطن اندر صحافين جي پيشيوراڻي سرگرمين کي پڻ محدود ڪيو ويو. 2016ع ۾ 112 صحافين کي قتل ڪيو ويو هو، جن ۾ 3 عورتون شامل هيون، جڏهن ته 2015ع ۾ 10 عورتن سميت 101 صحافي ماريا ويا هئا.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *