ادارن ۾ ويڙهه ٿي ته ملڪ کي وڏو نقصان پهچندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ۽ ادارن جو ٽڪراءَ نظر اچي ٿو سمورا معاملا ويهي حل ڪرڻ جي ضرورت آهياسانجي خواهش آهي ته چوندون مقرر وقت تي ٿين آرمي چيف جو پارليمينٽ  ۾ اچڻ سنيٽ کي بريفنگ ڏيڻ معمول جي ڳالهه آهي ڪائي وڏي ڳالهه ناهي. پارليمينٽ جو گڏيل اجلاس گھرائڻ ضروري آهي صحآفين سان ڳالهائندي هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿين. هن کان اڳ جنرل راحيل شريف به بريفنگ ڏئي چڪو آهي هن چيو ته عسڪري عملدارن جي بريفنگ پارليمينٽ جي بالادستي جي لاءِ فائديمند آهي، خورشيد شاهه چيو ته ڪوئيٽا جو سانحو ٿيو ۽ ڪجھه ماڻهون رستي ۾ به ويهي رهيا هئا، حڪومت ۽ ادارن  جو ٽڪراءَ نطر اچي  ٿو اهي سمورا معاملا ويهي حل ڪري سگھجن ٿا، خورشيد شاهه چيو ته اهو ته نوازشريف ئي ٻڌائي سگھي ٿو ته تحريڪ عدل شاه آهي ائين ته ناهي ته ميان صاحب تحريڪ انصاف  جي مقابلي ۾تحريڪ عدل پارٽي بڻائي رهيو آهي ، ميان صاحب کي سدائين چيو ته ادارن کي بدنام نه ڪريو پارليمينٽ هڪ وڏو ادارو آهي جنهن کان سڀ ادارا مدد وٺن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ادارن جي جنگ شروع ٿي وئي ته پاڪستان کي وڏو نقصان ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *