تڪ بندين بابت آئيني ترميمي بل2017ع  منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نئين آدمشماري تحت تڪبندين بابت آئيني ترميمي بل 2017ع سينيٽ مان منظور ٿي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گذريل ڏينهن اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ تڪبندين بابت بل تي ڊيڊ لاڪ ختم ڪري ان کي اڄ سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. سينيٽ چيئرمين رضا رباني جي سربراهي ۾ سينيٽ جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ پارلياماني معاملن بابت وزير شيخ آفتاب تڪبندين بابت آئيني ترميم بل پيش ڪيو، ايوان ۾ تڪبندين بابت بل جي شق وار منظوري ڪئي وئي. سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ بل جي حق ۾ 84 ووٽ وڌا ويا جڏهن ته مخالفت ۾ صرف هڪ ووٽ پيو، پاڪستان مسلم ليگ ق جي سينيٽر ڪامل علي آغا آئيني ترميم بل جي مخالفت ۾ ووٽ وڌو. قائد ايوان راجا ظفر الحق چيو ته تڪبندين بابت بل جي منظوري تي سمورين سياسي پارٽين جو شڪرگذار آهيان، آئيني ترميمي بل جي منظوري جمهوريت جي تسلسل لاءِ اهم هئي. بل قومي اسيمبلي مان منظوري کانپوءِ گذريل مهيني سينيٽ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃڻو هو پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي خدشن سبب پيش نه ڪيو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *