هر ڪنهن کي جيئڻ جو حق حاصل آهي: متيرا

لاهور (شوبز نيوز) اداڪاره مٿيرا چيو آهي ته اسان جي معاشري ۾ طلاق ٿيل عورت کي سٺي نگاهه سان نه ڏٺو ويندو آهي پر ان کي گار جيان سمجهيو ويندو آهي. ماڻهو طلاق جو سبب معلوم ڪرڻ کانسواءِ ئي عورت کي ڏوهي قرار ڏيندا آهن، جيڪو سراسر ظلم آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ مٿيرا چيو ته زال ۽ مڙس جي ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ مرد تي آڱر ناهي کڄندي پر سموري ذميواري عورت مٿان اڇلائي ويندي آهي. هن /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 29

چيو ته ان معاملي ۾ تصوير جو هڪ پاسو نه ڏسڻ گهرجي پر ٻنهي پاسن جو جائزو وٺڻ گهرجي. اداڪاره مٿيرا وڌيڪ چيو ته مون بابت به ماڻهو مختلف ڳالهيون ڪندا آهن پر مون کي انهن جي رتيءَ برابر به پرواهه ناهي. اداڪاره پنهنجي بولڊ اداڪاري سبب خاص شهرت رکي ٿي، جنهن سبب فلمي ۽ عوامي راءِ ۾ گهڻي قدر تنقيد هيٺ رهندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *