ڀارتي جاسوس بڻجڻ جون تياريون

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان ايندڙ فلم ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي جاسوس بڻجڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي. باليووڊ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 26

جو سلطان خان فلم “ايڪ ٿا ٽائيگر” ۽ “ٽائيگر زنده هي” کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ ڪوريا جي ٿرل فلم “ويٽرن” جي ڀارتي ريميڪ ۾ جاسوس بنجڻ وڃي رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ريئل لائيف پروڊڪشن هائوس فلم ويٽرن جي هن ريميڪ جا تمام حق ڏکڻ ڪوريا جي، سي جي پراڊڪشن هائوس کان ورتا آهن. ايڪشن سان ڀريل هن فلم ۾ سلمان خان مرڪزي ڪردار ادا ڪندو. سلمان خان هينئر علي عباس ظفر جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم “ڀارت” جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، جنهن ۾ ساڻس باربي ڊول گرل ڪترينه ڪيف کانسواءِ ديشا پٽاني، تبو، سنيل گروور به شامل آهن، هيءَ فلم 2019 ۾ عيد جي موقعي تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *