اسان شروعاتي 10 اوورن ۾ وڪيٽون وڃائڻ سبب ناڪامي ڏانهن وڌياسين: سرفراز احمد

ناٽنگهم (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ويسٽ انڊيز هٿان شڪست کي پنهنجي ڪيريئر جو بدترين ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان شروعاتي 10 اوورن ۾ وڪيٽون وڃائڻ سبب ناڪامي ڏانهن وڌياسين، ميچ هارائڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي گرين شٽرس جي ڪپتان /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 34

چيو ته اميد هئي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي پر ائين نه ٿيو. هن چيو ته اڄوڪي ميچ کي وساري باقي اٺن ميچز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *