ڪراچي: اسماعيلي ڪميونٽي جي بس تي دهشتگردن جي فائرنگ، 45 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي صفوران چورنگي ويجهو اسماعيلي ڪميونٽي جِي بس تي دهشتگردن جـِي فائرنگ جَي نتيجي ۾ 16 عورتن سميت 45 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب اسماعيلي ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ 60 کان وڌيڪ ماڻهن سان ڀريل بس کي پوليس جي وردي پهريل 6 دهشتگردن صفوران چورنگي ويجهو روڪي ڊرائيور کي نشانو بڻائڻ بعد مسافرن تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جَي نتيجي ۾ 16 عورتن سميت 44 ڄڻا مارجي ويا ۽ ٻارڙن سميت 18 زخمي ٿي پيا. واقعي ۾ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ميمڻ ۽ ڊائو سميت مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن ڪري مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. ميمڻ اسپتال ۾ داخل هڪ زخميءَ جو چوڻ آهي ته بس کي گلشن معمار وٽان يرغمال بڻايو ويو هو، جڏهن ته صفوران وٽ پهچي کين گوليون هيون ويون. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته صفوران چورنگي تي فائرنگ ۾ 55 ماڻهو مارجي چـُڪا آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب، اَٺن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن بس اندر گهڙي فائرنگ ڪئي. اکين ڏٺن شاهدن جو اهو به چوڻ آهي ته سمورن هٿياربندن کي پوليس جون ورديون پهريل هيون. ٻئي طرف ڪراچي جي صفوران ڳوٺ ويجهو دهشتگردن هٿان قتل ڪيل اسماعيلي برادري جي 45 ماڻهن جا لاش آغا خان اسپتال منتقل ڪيا ويا، 8 زخمين جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي.مختلف اسپتالن ۾ 45  مقتولن مان 42 جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جن جا لاش آغا خان اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.صفورا چورنگي سانحي ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ رجب، پير محمد، شميم شوڪت، ياسمين، انيلا ذوالفقار، عارفه مير علي، ذوالفقار محمد، شاني، شيراز نور علي، نظر علي، سيد نظر، جاويد، اسميتا سليم، لياقت نور جي، عروسه ذوالفقار، رضوان رحيم، رجب علي، رضوان رحيم، عليشا اڪبر، رحيم ميان جي، نور علي، عبدالوالا، سونيا سلطان، رمضان ولي، نيلم رضوان، امينه نظر، شميم امير، ڪاڪو ڀينجي، زبيده اڪبر، زبيده نظر علي،سلطان قاسم، محسن منصور، سهيل سلطان، شوڪت نظر، امتياز ڪريم، ميزار اڪبر، ناظم شمس الدين، شيرين عبدالميٿان، حنيف اڪبر، صدر الدين ۽ زاهده طور ڪئي وئي.ڊاڪٽرن موجب زخمين ۾ حبيب، شوڪت، ذيشان، روشن، بدالدين، پنڪي، زهره ۽ حميد ۽ ٻيا زخمي شامل آهن.ڊاڪٽرن موجب، هڪ خانگي اسپتال ۾ 17 مقتولن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آهي جن ۾ 6 عورتون ۽ 11 مرد آهن.هڪ اکين ڏٺي شاهد ياسين اڄڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هٿياربندن بس جي ڊرائيور کي به قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڪنڊيڪٽر بس کي ميمڻ اسپتال آندو.اسپتال ۾ داخل هڪ زخمي عورت ٻڌايو ته دهشتگرد بس جي پوئين گيٽ مان داخل ٿيا ۽ کين ائين لڳو هٿياربند ڦر لاءِ گاڏيءَ ۾ چڙهيا آهن.عورت جو چوڻ هو ته هڪ ڪليون شيو هٿياربندن جي هوءَ سڃاڻپ پڻ ڪري سگهي ٿي.هن چيو ته دهشتگردن پهرين ڊرائيور کي تشدد جو نشانو بڻايو بعد ۾ کيس گوليون هڻي ماري ڇڏيو.هن چيو ته بس ۾ ويٺل سمورن ماڻهن کي ڪنڌ هيٺ ڪرڻ جو چيو ويو جنهن بعد هڪ دهشتگرد ٻين ساٿين کي مسافرن تي فائرنگ ڪرڻ جي هدايت ڏني.زخمي عورت ٻڌايو ته بس ۾ سوار ٻن ٻارن کي ڌار ڪري باقي ماڻهن کي گوليون هنيون ويون.پوليس، رينجرز ۽ ميڊيا واقعي واري هنڌ تان داعش جون پرچيون پڻ هٿ ڪري ورتيون آهن.سچل ٿاڻي جي ايس آءِ او جو چوڻ هو ته هٿياربندن هر سيٽ تي فائرنگ ڪئي آهي.وڏي وزير جي حڪم تي شهر جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، شهر جي مختلف اسپتالن  ۾ داخل زخمين جي علاج لاءِ رت جو عطيو  ڏيڻ لاءِ سوين ماڻهو پهچي ويا. هوڏانهن پابندي مڙهيل تنظيم جند الله ڪراچي ۾ بس تي فائرنگ جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي پرڏيهي خابرو اداري رائيٽر مطابق پاڪستاني طالبان کان علحيدگي اختيار ڪندڙ شدت پسند گروپ جندالله واقعي جي ذميواري قبول ڪئي آهي جندالله جو ترجمان احمد مروت رائيٽرز سان ڳالهائيندي ڪراچي ۾ بس تي فائرنگ جي ذميواري قبول ڪئي آهي هن کان اڳ دهشتگرد صفوران چورنگي تي بس تي فائرنگ کان پوءِ داعش جا پمفليٽ اڇلائي فرار ٿي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *