هتي هڪ سفر ختم ٿيو، اوهان قابلِ فخر آهيو : يوراج سنگهه جي گرل فرينڊ جي ٽوئيٽ

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽر يوراج سنگهه جي گذريل ڏينهن عالمي ڪرڪيٽ مان ريٽائرمينٽ جي علان تي رانديگرن سميت فلمي ستارن به سوشل ميڊيا تي پيغام شيئر ڪيا. آل رائونڊر يوراج سنگهه گذريل ڏينهن ڀارتي شهر ممبئي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران عالمي ڪرڪيٽ مان ريٽائرمينٽ جواعلان ڪيو، جنهن تي ڀارتي ڪرڪيٽرن سميت فلمي ستارن به ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ يوراج جي خدمتن ۽ ڪاميابين تي ساراهه /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 17

ڪندي سوشل ميڊيا تي يوراج لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. فلم باڊي گارڊ جي اداڪاره ۽ هيزل ڪيچ به پنهنجي مڙس لاءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پوسٽ شيئر ڪئي ۽ لکيو ته هتي هڪ سفر ختم ٿيو، اوهان قابلِ فخر آهيو، اڳتي وڌو، تمام گهڻو پيار اوهان لاءِ آهي. هيزل ڪيچ جي اهڙي پوسٽ تي يوراج سنگهه جي اڳوڻي محبوبه ڪم شرما ڪمينٽس ۾ لکيو ته اوهان ٻئي اهڙي ريت ڪامياب ٿيندا رهو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *