هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن کي ناراض ڪرڻو پيو ته تيار آهيون: حفيظ شيخ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته سياست کان هٽي ڪري ملڪي مفاد کي ڏسڻو پوندو. جڏهن ته معاشي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن کي ناراض ڪرڻو پيو ته ان لاءِ تيار آهيون. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو ته معيشت مشڪل دور مان گذري رهي آهي، حڪومت کي پهرين ڏينهن کان ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو ، بجيٽ اندر 3 کان 4 شين کي هدف رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون پوءِ به اسان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. حفيظ شيخ چيو ته پاڪستان جي امير ماڻهن کي ملڪ سان سچو ٿيڻو پوندو، خطي جي امير ماڻهن پاڪستان جي امير ماڻهن کان وڌيڪ ٽئڪس ڏيندا آهن. ناڻي واري صلاحڪار ٻڌايو ته موجودا حڪومت کان پهريان 100 ارب ڊالرن جا قرض ورتا ويا، ماضي جي قرضن جو وياج ڏيڻ لاءِ قرض وٺي رهيا آهيون، 2900 ارب ماضي جي قرضن جي ادائيگي تي وياج لاءِ رکيا پيا وڃن، هٿياربند فوج جي بجيٽ ۾ ڪا به واڌ ناهي ڪئي وئي، هٿياربند فوج گذريل سال جو 1150 ارب جي بجيٽ ساڳي سطح تي منجمد ڪيو. حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته معاشي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن کي ناراض ڪرڻو پيو ته تيار آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *