عامر جي محنت زيان، آسٽريليا پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

ٽائونٽن (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 جي 17هين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم پاڪستان کي 41 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ٽائونٽن ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي آسٽريلوي ٽيم 49 اوورن /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 03

۾ 307 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.ڊيوڊ وارنر 107 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان ايرون فنچ 82 رنسن سان ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو، اوپنرن طرفان 146 رنسن جي شاندار شروعات فراهم ڪرڻ باوجود آسٽريلوي ٽيم وڏو ٽوٽل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ۽ شروعاتي بيٽسمينن جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ڪو به ڪينگروز بيٽسمين پاڪستاني بالرن جو ڄمي مقابلو نه ڪري سگهيو. اسٽيون سمٿ 10، گلين ميڪسويل 20، شان مارش 23، عثمان خواجا 18، ايليڪس ڪيري 20 رنسون ٺاهي سگهيو.پاڪستان طرفان محمد عامر بهترين بالنگ ڪرائيندي 10 اوورن ۾ رڳو 30 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهين آفريدي 2، حسن علي، وهاب رياض ۽ محمد حفيظ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.جواب ۾ پاڪستاني بيٽسمينن فاسٽ بالر محمد عامر جي ڪيريئر بيسٽ پرفارمنس تي پاڻي هاري ڇڏيو ۽ سڄي ٽيم 45.4 اوورن ۾ 266 رنسن تي گوڏا کوڙي ڇڏيا.پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات فخر زمان ۽ امام الحق ڪئي ۽ رڳو ٻن جي مجموعي اسڪور تي فخر زمان غير ذميواراڻو اسٽروڪ کيڏندي بائونڊي لائن تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، هن کاتو ئي نه کوليو.ٻي وڪيٽ تي بابر اعظم ۽ امام الحق گڏيل اسڪور 56 تائين پهچايو ته بابر اعظم به غير ضروري شاٽ کيڏي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، ان کانپوءِ امام الحق جو ساٿ ڏيڻ لاءِ محمد حفيظ ڪريز تي آيو ۽ ٻنهي ٽيم جو مجموعي اسڪور 136 تائين پهچائي ڇڏيو.ان موقعي تي 53 رنسون ٺاهيندڙ امام الحق وڪيٽ ڪيپر کي ڪيچ ڏئي ويٺو، جڏهن ته اسڪور ۾ 10 رنسن جي اضافي کانپوءِ محمد حفيظ به 46 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.147 جي مجموعي اسڪور تي پاڪستان جي پنجين وڪيٽ شعيب ملڪ جي صورت ۾ ڪري، جيڪو کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، پاڪستاني ٽيم ان صدمي مان نڪتي ئي نه ته آصف علي به 5 رنسون ٺاهي ڪريز ڇڏي ويو.160 رنسن تي 6 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ حسن علي جارحاڻي راند کيڏندي رڳو 15 بالن تي 32 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته وهاب رياض به 39 بالن تي 45 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر مچل اسٽارڪ جي بال تي وڪيٽ وڃائي ويٺو.مچل اسٽارڪ جي يارڪر تي محمد عامر به بولڊ ٿي ويو، جنهن ڪا رنس نه ٺاهي، جڏهن ته آخري بيٽسمين شاهين آفريدي هو، جنهن جي بيٽنگ تي اچڻ وقت پاڪستان جي ڪاميابي جي آخري اميد ڪپتان سرفراز احمد پر ان به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ۽ مٿيون اوور پاڻ کيڏڻ بنا 45هين اوور جي آخري بال تي سنگل وٺي شاهين آفريدي کي ٻيهر اسٽرائڪ تي آڻي ڇڏيو ۽ سرفراز پاڻ نان اسٽرائيڪر اينڊ تي وڃي بيٺو.46هين اوور جا 3 بال مس ڪرڻ کانپوءِ چوٿين بال تي شاهين آفريدي هلڪو اسٽروڪ کيڏيو، جنهن تي سرفراز احمد رنس وٺڻ لاءِ تڪڙ ۾ اڳتي نڪري ويو ۽ ڪريز ۾ موٽڻ کان اڳ ميڪسويل بيلز اڏائي ڇڏيون، ائين سرفراز احمد به 40 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو.آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز 3، مچل اسٽارڪ ۽ رچرڊسن 2-2، جڏهن ته ڪولٽر نائل ۽ ايرون فنچ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *