هاڻوڪي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن سبب دنيا پاڪستان کي انتهائي اهم ملڪ جي حيثيت سان ڏسي رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ جو پاڪستان اسٽريٽيجڪ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن سان ڀرپور آهي. وزيراعظم عمران خان سان پي ٽي آءِ جي سينيٽرن وزيراعظم جي چيمبر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار نعيم الحق، سينيٽر فيصل جاويد به موجود هئا. وزيراعظم ۽ سينيٽرن جي ملاقات ۾ سينيٽ ۽ پارلياماني ۽ قانونسازي بابت مختلف معاملن خاص طور بجيٽ تجويزن وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم مٿين ايوان جي معاملن ۾ ميمبرن جي ڪردار بابت پنهنجي ويزن کان آگاهه ڪيو . ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته عوام پارليامنٽيرينز کي پنهنجن حقن ۽ امنگن جي ترجمان جي حيثيت ۾ ڏسون ٿا ۽ ميمبر جڏهن عوام جو آواز بڻجندا آهن ته عوام جي حوصلا افزائي ٿيندي آهي. وزيراعظم جو چوڻ هوته هاڻوڪي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن سبب دنيا پاڪستان کي انتهائي اهم ملڪ جي حيثيت سان ڏسي رهي آهي، اڄ جو پاڪستان اسٽريٽيجڪ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن سان ڀرپور آهي، انشاءَ الله جلد اسان جو ملڪ ترقي ۽ خوشحالي ماڻيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *