شهباز شريف جي خاندان جي مبينا فرنٽ مين مشتاق چيني شريف خاندان لاءِ مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) شهباز شريف جي خاندان جي مبينا فرنٽ مين مشتاق چيني شريف خاندان لاءِ مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪري ورتو ۽ نيب جي جاچ ٽيم ان اڳڀرائي کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. مشتاق چيني ۽ سندس پٽ ياسر چيني احتساب عدالت ۾ پنهنجو بيان لکت ۾ رڪارڊ ڪرائي اهم انڪشاف ڪندي چيو ته هنن سلمان شهباز جي 69 ڪروڙن  کان وڌيڪ رقم جي مني لانڊرنگ ڪئي، ان ڪم لاءِ ٻنهي جا بينڪ اڪائونٽ استعمال ڪيا ويا. مشتاق چيني انڪشاف ڪيو ته شريف ڪٽنب جي ڪمپنين جي فنانشل چيف آفيسر محمد عثمان سان ملاقات ٿي، عثمان چيو ته سلمان شهباز جا 69 ڪروڙ رپيا وائٽ ڪرڻا آهن، آئون انڪار ڪيو ته اها منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، جنهن تي عثمان چيو ته اسان رڳو توهان جا بينڪ اڪائونٽ استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا، جن ذريعي ٽي ٽي لڳرائڻي آهي، آئون پراڻن واسطن ۽ پئسو وائٽ ٿيڻ جي لالچ سبب اجازت ڏئي ڇڏي، چيف منسٽر جو پٽ ۽ وزيراعظم جو  ڀائٽيو هجڻ ڪري انڪار به نه ڪري سگھيس. مشتاق چيني ٻڌايو ته 2014ع ۾ منهنجي اڪائونٽ مان 21 ڪروڙ 40 لکن جي ٽي ٽي لڳرائي وئي، رقم منهنجي اڪائونٽ ۾ ايندي هئي ۽ آئون سلمان شهباز جي نالي چيڪ ڪاٽي محمد عثمان کي ڏيندو هيس، 2014ع ۾ وري 29 ڪروڙ 30 لکن جي رقم تي ٽي ٽي لڳرائي وئي، جن ماڻهن جي نالن سان ٽي ٽي لڳرائي وئي، آئون انهن کي نٿو سڃاڻان، محمد عثمان ايتري رقم جي برابر چيڪ مون کي ڪاٽي ڏئي ڇڏيا، آئون لاڳاپيل ڪاغذن ۽ دستاويزن تي پنهنجون صحيحون ڪيون، 50 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم جعلي ۽ فرضي اڪائونٽن ذريعي منهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي. هن چيو ته سلمان شهباز جي وقار ٽريننگ ڪمپني جيڪا طاهر نقوي شخص جي نالي سان ٻڌائي وئي هئي، ان ڪمپني مان منهنجي اڪائونٽ ۾ 10 ڪروڙ رپين جي رقم چيڪ ذريعي آئي، سلمان شهباز ان سڄي ٽرانزيڪشن کي قانوني ثابت ڪرڻ لاءِ 2 مفروضي معاهدا ڪيا، هڪ ۾ منهنجو نالو، ٻئي ۾ منهنجي پٽ ياسر مشتاق جو نالو لکيو ويو، معاهدي ۾ اها رقم قرض طور ظاهر ڪئي وئي، معاهدن جون نقل ڪاپيون نيب کي فراهم ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته مفروضي قرضن کي حقيقي رنگ ڏيڻ لاءِ سلمان شهباز پنهنجي جعلي ڪمپني ذريعي رقم منهنجي اڪائونٽ ۾ به منتقل ڪرائي، آئو ن ڪاروبار ۽ پئسا وائٽ ٿيڻ جي لالچ ۾ اهو ڪم ڪندو رهيس، مون کي پنهنجي ڏوهه جو احساس اهي، مون کي معافي ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *