بدقسمتيءَ سان سنڌ حڪومت ۾ سمورا بيڪار ماڻهو ويٺا آهن: سُپريم ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سُپريم ڪورٽ پوليس ۾ ڀرتين جي حوالي سان درخواستون رد ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته بدقسمتيءَ سان سنڌ حڪومت ۾ سمورا بيڪار ماڻهو ويٺا آهن. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ لاڙڪاڻو ريجن جي پوليس ۾ ڀرتين واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڀرتين جي حوالي سان سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته 1996ع ۾ اي ايس آءِ طور ڀرتين لاءِ لکت ۾ ٽيسٽ پاس ڪئي وئي هئي، پر زباني امتحان ۾ کين فيل ڪيو ويو. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته هاڻ 24 سالن کانپوءِ توهان کي ڪيئن بحال ڪريون، اُن وقت جيڪي ڀرتي ٿيا هئا، اُهي هاڻ رٽائرمينٽ جي ويجهو هوندا. درخواستگذارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اُن ۾ سندسن ڪهڙو ڏوهه آهي، سرڪاري آفيسرز اِن حد تائين پهچايو. جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته بدقسمتي سان سنڌ حڪومت ۾ سڀ بيڪار ماڻهو آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *