هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي عهدي تي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس الله ڏنو خواجا کي عهدي تي برقرار رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ جي مقرري برقرار رکندي 30 مئي تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت پوليس ايڪٽ 1861 موجب آءِ جي جي مقرري برقرار رکي، عدالت اي ڊي خواجا کي مستقل ذميداري سنڀالڻ جو حڪم ڏيندي فيصلي ۾ چيو آهي ته سنڌ پوليس جي ڪمانڊ آءِ جي سنڌ وٽ آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته اي ڊي خواجا عهدي تي ڪم ڪندو رهيو ۽ جيڪڏهن ڪو آفيسر آءِ جي سنڌ کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو حڪم مڃي ته کيس ڪارروائي جو اختيار آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ 31 مارچ ۽ پهرين اپريل تي سنڌ حڪومت طرفان پوليس آفيسرن جي مقرري ۽ بدلين جا جاري ڪيل 2 نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا، عدالت فيصلي ۾ چيو ته قانون موجب کاتي جي خودمختياري لاءِ ڪمانڊ آءِ جي وٽ هجڻ ضروري آهي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ قانوني طريقي کي فالو نه ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ قرار ڏنو ته پي ايس پي آفيسرن سميت هر سطح جون مقررين ۽ بدلين جو اختيار آءِ جي سنڌ وٽ آهي، عدالت قرار ڏنو ته سنڌ بزنس رولز 1986 ۾ آءِ جي سنڌ جي مدت ملازمت جو طريقو موجود آهي، جيڪڏهن آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ ضروري هجي ته سبب ٻڌائڻ لازمي آهن، عدالت فيصلي ۾ چيو ته آءِ جي سنڌ جي مقرري ۽ بدلي لاءِ انيتا تراب ڪيس کي نظر ۾ رکيو وڃي، عدالت سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن کي پوليس سان لاڳاپيل وڌيڪ قانون سازي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت آءِ جي سنڌ جي مقرري ۽ اختيارن بابت رولز بڻائي، عدالتي فيصلي بعد درخواست گذار جي وڪيل فيصل صديقي ايڊووڪيٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت تفصيلي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ هي فيصلو پوليس ريفارمز طرف پهريون قدم آهي، وڪيل چيو ته عدالت پوليس ايڪٽ 1861 بقرار رکيو ۽ هي ايڪٽ به آءِ جي جي خودمختياري ۽ ڪمانڊ کي هٿي ڏئي ٿو، جڏهن ته ٽرانسفر پوسٽنگ آءِ جي سنڌ جو اختيار آهي، ياد رهي ته آءِ جي کي عهدي تان هٽائڻ جو اختيار وفاق وٽ آهي پر صوبائي حڪومت اختلافن سبب اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هيو، جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ان کي هٽائڻ جو حڪم 3 اپريل تي معطل ڪيو هيو. ٻئي طرف سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه بابت فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جو چوڻ آهي ته عدالت تفصيلي حڪم جاري ڪيا آهن، فيصلي ۾ خاميون آهن جنهن سبب سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي. هن چيو ته پوليس سڌارا تمام گهڻا ضروري آهن، بدليون ۽ مقرريون آءِ جي سنڌ جو اختيار آهي، جڏهن ته پوليس ايڪٽ به آءِ جي جي خودمختياري ۽ ڪمانڊ کي هٿي ڏئي ٿو.هوڏانهن آئي جي سنڌ اي ڊي خواجا عدالتي فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو ته عدالتي فيصلو گڊ گورننس ۽ ادارن جي فتح آهي فيصلي تي الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان، مان پنهنجي سمورن دوستن جو به شڪر گذار آهيان، جن منهنجي ڀرپور سپورٽ ڪئي. آئي جي سنڌ چيو ته پوليس ۾ سڌارن جو عمل اهڙي طرح جاري رهندو، الله اسانکي توفيق ڏئي رته اسان غريبن جي خدمت ڪري سگھون، ياد رهي ته سنڌ هائي ڪورٽ صوبائي حڪومت جي آئي جي اي ڊي خواجا کي هٽائڻ واري فيصلي کي ڪاالعدم قرار ڏيندي پوليس جي سڌارن  کي جاري رکندي ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *