نساسڪ جي ٻن منصوبن بابت رپورٽ رد، سنڌ ۾ 90 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي لائق ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس فيصل عرب پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ 90 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي لائق ناهي.  سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ٻه تعمير هيٺ منصوبن مان هڪ 85 سيڪڙو ۽ هڪ 100 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. عدالت نساسڪ جي ٻنهي منصوبن بابت رپورٽ رد ڪري جڏهن ته  پنهنجي ريمارڪس ۾ جسٽس مشير عالم اسان کي ڪاغذي ڪارروائي نه پر نتيجا گهربل آهن. جسٽس مشير عالم جو چوڻ هو ته اهڙي آڊٽ جي رپورٽ جو ڪهڙو فائدو جنهن جو ثمر عوام تائين نه پهچي، عوام جو پيسو عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي جڏهن ته جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 90 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جوڳو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *