آمريڪا پاڪستان کي دهشتگردي خلاف ويڙهه لاءِ 33 ڏهائي 4 ارب ڊالر امداد ڏني: رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آمريڪا گذريل 15 سالن دوران پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهڻ لاءِ 33 ڏهائي 4 ارب ڊالر ڊالرن جي امداد ڪري چڪو آهي، هي انهن خرچن جو رڳو 44 سيڪڙو حصو آهي جيڪو پاڪستان ان جنگ ۾ لڳائي چڪو آهي. خابرو ادارن موجب آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي هن وقت تائين 33 ڏهائي 4 ارب ڊالرن جي امداد ڪري چڪو آهي. ان مان 14 ڏهائي 573 ارب ڊالر لاجسٽڪس جي مد ۾ ادا ڪيا ويا جڏهن ته پاڪستان کي سول ۽ فوجي امداد جي صورت ۾ 2002 کان 2016 دوران رڳو 18 ڏهائي 8 ارب ڊالر ڏنا ويا. اهي انگ اکر آمريڪي اختيارين طرفان جاري ڪيا ويا آهن جنهن جي ترتيب لاءِ آمريڪي پرڏيهي وزارت، بچاءَ، زراعت ۽ يو ايس اينڊ گڏجي ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن آمريڪي امداد جو جائزو ورتو وڃي ته ناڻي واري وزارت جي انگن اکرن موجب پاڪستان کي امداد جي صورت ۾ رڳو 18 ڏهائي 8 ارب ڊالر مليا آهن، جڏهن ته نائن اليون کان پوءِ دهشتگردي جي جنگ ۾ پاڪستان جو نقصان 123 ڏهائي 13 ارب ڊالر ٿي چڪو آهي.  2014 کان پوءِ آمريڪا جي پاڪستان کي ڏيندڙ امداد ۾ مسلسل گهٽتائي آئي آهي. 2002 کان 2013ع دوران آمريڪا تقريبن پاڪستان کي 2 ڏهائي 3 ارب ڊالر ڏنا جيڪي گهٽ ٿي 1 ڏهائي 6 ارب ڊالرن تائين اچي ويا. ان ۾ اهو پيسو به شامل آهي جيڪو اتهادي نيٽو جي فنڊ جي مد ۾ ادا ڪيو ويندو رهيو، جيڪو اصل ۾ امداد نه پر آمريڪي فوج کي لاجسٽڪس ۽ آپريشنز ۾ مدد ڏيڻ جو معاوضو آهي. جيڪڏهن ان معاضي کي آمريڪي امداد مان ختم ڪيو وڃي ته آمريڪا پاڪستان کي 2014 کان 2016 دوران تقريبن سالياني 810 ملين ڊالر امداد ڏني جڏهن ته ساڳي امداد 2002 کان 2013 دوران 1 ڏهائي 4 ارب بڻجي ٿي. 2017ع ۾ آمريڪا جي پاڪستان کي ڏيندڙ امداد ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ اها اسلام آباد جي گڏيل بجيٽ جي رڳو هڪ سيڪڙو رهجي وئي آهي. جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا کان امداد نه وٺي تڏهن به ان هڪ سيڪڙي کي ٻين ذريعن سان آساني سان پورو ڪري سگهي ٿو. 2002 کان هن وقت تائين آمريڪا پاڪستان کي فوجي سهڪار جي صورت ۾ 7 ڏهائي 96 ارب ڊالر ڏنا جيڪي تقريبن 530 ڏهائي 4 ملين ڊالر ساليانا بڻجن ٿا. ان امداد مان به 3 ڏهائي 8 ارب ڊالر پرڏيهي فوجي امداد جي پروگرام تحت ادا ڪيا ويا جڏهن ته باقي 2 ڏهائي 35 ارب ڊالر پاڪستان ۾ آپريشنز ۽ 911 ملين ڊالر دهشتگردي ۽ منشيات جي خاتمي جي مد ۾ ڏنا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *