ن ليگ نئون آرڊيننس رد ڪري ڇڏيو، پي ايم ڊي سي ختم ڪرڻ واري قدم جي مذمت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته قوم مري رهي آهي ۽ حڪومت اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڊراما ڪري رهي آهي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب پي ايم ڊِ سي ختم ڪرڻ واري قدم جي مذمت ڪندي نئون آرڊيننس رد ڪري ڇڏيو،  سندس چوڻ هو ته آچر جي ڏنهن چور جيان پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونسل (پي ايم ڊي سي) ختم ڪئي وئي، پارليمان جي بدران ايوان کي آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ رٻڙ اسٽيمپ طور استعمال ڪرڻ مذمت جوڳو آهي، مينڊيٽ چور حڪومت فسطائي سوچ رکي ٿي، نه ته پارليمان جو رستو اختيار ڪيو وڃي ها. ن ليگ جي ترجمان چيو ته قوم مري رهي آهي ۽ حڪومت اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڊراما ڪري رهي آهي، نالائق، نااهل، چور ۽ ڪوڙي حڪومت “ ڊائيورٽ اينڊ رول“ تي هلي رهي آهي، مفت دوا، ٽيسٽ ختم، هاڻ اسپتالن کي خانگائڻ سان غريب جي زندگي سان کيڏڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ڊينگي 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن تي حملو ڪري چڪو، ڪيترائي  ان مرض ۾ مري چڪا، عمران خان کي ميڊيا جو ڳلو دٻائڻ جي فڪر آهي، پوليو پروگرام ۾ تاريخي ڪرپشن تي عمران خان جون اکيون نيب جيان بند آهن. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته چورن جيان آءِ ايم ايف سان عاهدو ڪري قوم تي ظالماڻو ٽيڪس لڳايو ويندو آهي، چورن جيان جي آءِ ڊي سي جي ذريعي 300 ارب معاف ڪرايا ويندا آهن، مهانگائي 3 کان 13 سيڪڙو ٿي وئي، هڪ سال ۾ تاريخي 11000 ارب کان وڌيڪ قرض، قومي ترقي جي شرح 5.8 کان 2.4 ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *