جمهوريت بچائڻ لاءِ حڪومت ۽ عمران خان کي وڃڻو پوندو: بلاول زرداري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت اپوزيشن پارٽين لاءِ روڊن تي احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي ڇڏيو، جمهوريت بچائڻ لاءِ حڪومت ۽ عمران خان کي وڃڻو پوندو. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پيءُ آصف علي زرداري سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر کي طبي سهولتون فراهم نه ڪرڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪمرانن تي تنقيد ڪئي ۽ کين توهين عدالت جو ذميوار قرار ڏنو. هن چيو محسوس ٿي رهيو آهي ته توهين عدالت جو قانون رڳو جمهوري قوتن لاءِ آهي، غير جمهوري قوتون آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪنديون رهن ٿيون پر اسان جون عدالتون انهن خلاف ڪجهه نه ٿيون ڪن، عدالت جيل اختيارين کي حڪم ڏنو آهي ته آصف علي زرداري کي ڊاڪٽرن جي هدايت موجب طبي سهولتون ڏنيون وڃن پر افسوس جو ان تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري الزام هڻندي چيو ته حڪومت آصف زرداري جي صحت کي استعمال ڪري پ پ تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي، آصف زرداري اڳ به ڪو الزام ثابت ٿيڻ بنا ساڍا 11 سال جيل ڪاٽيو، هاڻ به ڪاٽي رهيو آهي، پ پ اڳ به ظالمن خلاف ڪنڌ نه جهڪايو ۽ اڄ به نه جهڪائيندي. سندس چوڻ هو ته 18 آڪٽوبر تي ٿيندڙ شاندار جلسي ۾ عوام پ پ جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو ۽ ايندڙ جلسو 23 آڪٽوبر تي ٿرپارڪر ۾ ڪنداسين، پاڪستان جي عوام کي پيغام پهچائينداسين ته نالائق ۽ نااهل حڪومت کي گهر موڪلڻ چاهيون ٿا. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان هيءَ حڪومت سياسي آهي ئي نه، هيءَ ڪٺ پتلي آهي ۽ کين اندازو ناهي ته پاڪستان جهڙي ملڪ کي هلائڻ هڪ ڪرڪيٽ ميچ ناهي، حڪومت جي ذميواري آهي ته موجوده صورتحال جو سياسي حل ڪڍي پر لڳي نٿو ته انهن وٽ ڪو حل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ سدائين آمريت جو مقابلو ڪيو آهي ۽ اڄ به جيڪڏهن مارشل لا جي صورتحال پيدا ٿي ته اهو ئي ڪردار ادا ڪنداسين، سڀني سياسي پارٽين کي پيغام ڏنو آهي ته اسان کي اهڙي سياست ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ٽين قوت يا آمريت کي وري ملڪ تي اچڻ جو موقعو نه ملي، جمهوريت ڀلي ڪيتري به ڀَڳل ٽُٽل هجي پر ڪمزور ترين جمهوريت به آمريت کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *