سنڌ اسيمبلي۾ چشما جهلم لنڪ ڪينال تي بجلي گهر اڏڻ خلاف مزمتي ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي، چشما جهلم لنڪ ڪينال تي بجلي گهر اڏڻ جي خلاف مزمتي ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، پ پ جي عزيز جوڻيجو ٺهراءُ پيش ڪيو هو، ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي، وڌيڪ اهڙي قسم جا منصوبا صوبي جي پاڻي جي حق تي ڌاڙي جي برابر آهن، اجلاس ۾ پي ٽِي آءِ کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ ۽ خيالن جي اظهار جي اجازت نه ملڻ تي مخالف پارٽي سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته هن اهم معاملي تي اسان جو اصولي موقف آهي، جڏهن ته اپوزيشن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ جي ميمبرن چشما جهلم لنڪ ڪينال تي بجلي گهر اڏجڻ جي خلاف احتجاج ڪيو ۽ مزمتي ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ارسا چشما جهلم لنڪ ڪينال تي هائڊرو پاور پلانٽ جي منظوري ڏني آهي، ارسا ۾ وفاقي حڪومت ۽ وفاقي ميمبر جي مقرري ڪئي پئي وڃي هي سنڌ جو سڀ کان اهم مسئلو آهي، وزيراعظم اسان جي ته نٿو ٻڌي، اميد آهي ته وزيراعظم انهن جي ٻڌندو هجي، وفاقي وزيرن کي چيو وڃي ته اهي ارسا ۾ وفاق کان ارسا جو نمائندو سنڌ مان کڻڻ، 18 آڪٽومبر تي وزيراعظم کي خط لکيو جڏهن ته وزيراعظم خط جو جواب نه ڏنو، هن چيو ته هي اسان جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي، هر ڀيري رد ٿيل ڪالاباغ ڊيم منصوبو آندو ٿو وڃي، سنڌ سان ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان هئڻ گهرجي، وزيراعظم مون سان ڳالهه نٿو ڪري، مان وزيراعظم کي هڪ ٻيو خط لکندس، مراد علي شاهه چيو ته ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان نه هئڻ تي وفاقي وزير احتجاج ۽ واڪ آئوٽ ڪن، جيڪڏهن سنڌ جو پاڻي يا حق نه ملندو ته ڪا به ڪمپرو مائيز نه ٿيندي، ڳالهه سڌي آهي ڪو به ٺهراءَ جي حمايت نٿو ڪري نه ڪري، اڄ سڌي ڳالهه ٿيڻ گهرجي، سنڌ ڪابينا جو اڱاري تي اجلاس آهي، جيڪڏهن سنڌ جو نمائندو مقرر نه ٿيندو ته اها ذميواري ان تي لاڳو ٿيندي، فردوس شميم نقوي مزمتي ٺهراءَ تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هن معاملي تي اڄ اسان ايوان ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي چڪا آهيون، اڄ وزيراعظم اڳيان اها ڳالهه رکي آهي مون ٺهراءُ وقت تي ۽ مثبت رخ ۾ ڏنو آهي، ان جو مقصد سنڌ جو پاڻي گهٽ نه هئڻ گهرجي، هن چيو ته مان سنڌ جي مٽي جو پٽ آهيان، وزيراعظم به سنڌ جو پاڻي گهٽ هئڻ تي اين او اسي واپس وٺڻ لاءِ چيو آهي اسان سنڌ کي مطئمن ڪرڻ لاءِ چيو آهي، جيڪڏهن سنڌ جي حيثيت متاثر نه ٿئي جتي جتي موقعو ملي بجلي ٺاهي وڃي، هن چيو ته سنڌ جي شهرن تي ڪو فرق نه پوي پنجاب جي اسڪيم تي مخالفت نه ڪنداسين، صوبي صوبي جي ڳالهه نه ڪئي وڃي، هن چيو ته ٺٽو، بدين ۽ ڪوٽڙي ۾ پاڻي نه پهچي هي اشو آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا سنڌ ۾ پاڻي چوري نٿو ٿئي، وفاق ۽ سنڌ ٻنهي حڪومتن کان واعدو وٺڻ چاهيان ٿو ته جيڪي ماڻهو سنئون سڌو پاڻي پين ٿا، منڇر ڌنڌ اڄ خراب ٿي چڪي آهي، پاڻي جي ورڇ کي بهتر بڻائينداسين، اسان پڇڙي وارا آهيون، وفاق جو نمائندو سنڌ جو هجي اسان کي ڪو اعتراض نه آهي، ڇو ته اسان آخر ۾ آهيون، اسان حقن جي لتاڙ قبول نه ڪنداسين، سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پاس ٿيڻ وقت اپوزيشن ميمبرن سخت کوڙ ۽ احتجاج ڪيو ته کين ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جڏهن ته ايوان مزمتي ٺهراءُ اڪثريت سان منظور ڪري ورتو جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڄ اڱاري منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *