ن ليگ جي حڪومت عوام سان لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نون ليگ جي حڪومت عوام سان لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي جڏهن ته ان جي حڪومت سازي جو تجربو رڳو شريف ايمپائر جي ترقي تي استعمال ٿي رهيو آهي. هڪ بيان ۾ عمران خان نيپرا جي رپورٽ تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته نيپرا جا انڪشاف حيران ڪندڙ نه پر ڇرڪائيندڙ آهن. هن چيو ته حڪومت فراڊ ميٽرز ۽ واڌو بلن ذريعي عوام کي ڦري رهي آهي، جڏهن ته رپورٽ مان پتو آهي ته نون ليگ جي حڪومت عوام سان لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ نون جي حڪومت سازي جو تجربو رڳو شريف ايمپائر جي ترقي تي استعمال ٿي رهيو آهي جڏهن ته نون ليگ مرڪز ۾ 3 ۽ پنجاب ۾ 6 ڀيرا حڪومت ڪري چڪي آهي. عمران خان چيو ته نون ليگ حڪومت توانائي جي شعب ۾ بهتري آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته بدعنواني ۽ بدانتظامي جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي، جڏهن ته شفاف، اڻ ڌريي ۽ احتساب جو عمل مٿان کان شروع ڪري هيٺين سطح تائين پهچايو وڃي. عمران خان چيو ته عمران رپورٽ موجب حڪومت پاور اسٽرڪچر جي بهتري جي اهل ناهي. ياد رهي ته نيپرا سالياني رپورٽ ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ناقص قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال ۽ لوڊشيڊنگ ڄاڻي واڻي ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *