سپريم ڪورٽ پاران اين اي 154 لوڌران ۾ ننڍي چونڊ روڪڻ جو حڪم، صديق بلوچ جي ميمبرشپ بحال

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، اين اي هڪ سئو 54 لوڌران ۾ ننڍي چونڊ روڪڻ جو حڪم ڏيندي نون ليگ اڳواڻ صديق بلوچ جي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي، عدالت ملتان ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل جي مبينا ڌانڌلي ڪيس جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ صديق بلوچ اليڪشن ٽريبونل جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي تاحيات پابندي واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي. صديق بلوچ 11 آڪٽوبر تي رٿيل اين اين 154 جي ننڍي چونڊ روڪڻ جي به درخواست ڪئي هئي. جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ، ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي بعد عدالت اين اي 154 تي صديق بلوچ جي نااهلي واري فيصلي خلاف درخواست تي حڪم جاري ڪيو. عدالت اين اي هڪ سئو 54 لوڌران ۾ ننڍي چونڊ روڪڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته اليڪشن ٽربيونل جي مبينا ڌانڌلي ڪيس جي فيصلي کي معطل ڪندي نون ليگ اڳواڻ صديق بلوچ جي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ بحال ڪئي وئي. ياد رهي ته اين اي 154 لوڌران تي مئي 2013ع ۾ عام چونڊن دوران آزاد اميدوار صديق خان بلوچ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ جهانگرين ترين کي شڪست ڏئي هئي جڏهن ته صديق بلوچ چونڊون کٽڻ بعد نون ليگ ۾ شامل ٿيو هو. جهانگرين ترين اليڪشن ٽربيونل ۾ صديق بلوچ جي ڪاميابي خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ صديق بلوچ تي جعلي ڊگري ۽ پولنگ دوران ڌانڌلي جو الزام لڳايو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *