نيب ڪراچي پاران ڊاڪٽر عاصم تي لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي سفارش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب ڪراچي ڊاڪٽر عاصم تي لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ نيب هيڊ ڪوارٽر کي خط لکي جي آءِ ٽي جوڙڻ جي سفارش ڪئي آهي، ڊي جي نيب چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم تي گيس جي غير قانوني وڪري، چوري ۽ ٻين بدعنوانين جا الزام آهن، جن جي جاچ نيب آرڊيننس 1999 جي دائري ۾ نٿي اچي. ڊي جي نيب هيڊ ڪوارٽر کي لکيل خط ۾ لکيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم تي لڳايلالزامن بابت رينجرز کان تفصيل ملي ويا آهن، ان کان 5 مختلف معاملن جي جاچ ٿيڻ گهرجي . خط ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم تي جيڪي الزام لڳايا ويا آهن، انهن جي جاچ نيب آرڊيننس 1999 جي دائري ۾ نٿي اچي ۽ اهڙن الزامن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ نيب ۽ رينجرز عملدارن کي به شامل ڪيو وڃي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم تي گيس جي غيرقانوني وڪري ۽  چوري  سميت سي اين جي لائيسنس جاري ڪرڻ ۾ گهوٻين جا الزام آهن. خط ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم پي ايم ڊي سي  ۾به    اختيارن جو غلط استعمال ڪري ميڊيڪل ڪاليجز جي غير قانوني رجسٽريشن ڪئي، جنهن جي به جاچ ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *