نگران حڪومت آئي ته پيٽرول 70 روپيه في ليٽر مهانگو ٿيندو: راڻا ثناالله

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) اڳ ئي چونڊن طرف وڃڻ چاهيو پي اسان گڏيل اپوزيشن جي چوڻ تي حڪومت ۾ آياسين هن وقت تائين ڪنهن سان چونڊ اتحاد نه ٿيو آهي چونڊ اتحاد ڪٿي ۽ ڪنهن حد تائين ٿئي ٿو ڳالهه اڃا وقت کان اڳ آهي پي ٽي آئي لاءِ رات 12 وڳي عدالت لڳي ڪاش اسان لاءِ ڏينهن جو 12 وڳي عدالت لڳي وڃي اسان جي لاءِ ڪڏهن به ڏينهن جو 12 وڳي عدالت ناهي لڳي جيڪڏهن شيرين مزاري کي گرفتار ڪرڻ جو طريقو مناسب نه هو ته مريم نواز به قوم جي نياڻي آهي شهزاد اڪبر پنهنجي گهڻ گهرين پراسيڪيوترز ۽ گهڻ گهريو جاچ افيسر لڳايو اسان جي لاءِ ته ڪو نوٽيس ناهي مليو پوءِ به اسان چونداسين ته هن وقت تائين جيترو به اسان کي انصاف مليو آهي عدالتن کان ئي مليو آهي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان افراتفري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو يوم تڪبير 28 مئي تي جلسي جي تيارين ۽ يوم تڪبير کي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندوآچر تي هتي پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءُالله چيو ته هن کان اڳ ااسن گڏيل اپوزيشن ۾ هئاسين هاڻي اتحادي حڪومت ۾ آيون جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن چونڊ اتحاد نه ٿيو آهي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) عدم اعتماد جي به ايتري حامي نه هئي جڏهن اپوزيشن فيصلو ڪيو ته اسان کي گڏ هلڻو پيو رانا ثناءُالله چيوت ه مان اها ڳالهه به چوان ته غلط نه ٿيندو ته اسان چونڊن طرف وڃڻ چاهيوسين اسان کي اسان جي اتهادي ان طرف آندو هنچ يو تهمان اهو نه چوندس ته هو اسان کي ڇڪي وٺي ويا انهن وٽ به دليل هئا ۽ انهن جو چوڻ هو ته هن وقت ملڪ جي معيشت ويهجي چڪي آهي جيڪڏهن اوهان نگران کي ويهاري ڇڏيندا ته ماڻهن کي کائڻ لاءِ هڪ گرهه نه ملندو هن چيو ته گڏيل اپوزيشن چيو هو ته پهريان ان تباهي کي روڪيو ۽ انکان پوءِ اليڪشن طرف وڌون جڏهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو رجحان چونڊن طرف هو شيرين مزاري جي ضمانت بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جڏهن 70 جي ڏهاڪي ۾ زراعت جي قانون ۾ ترميم ٿي هئي ته شيرين مزاري جي وڏڙن جي ڪيترائي ايڪر زمين غريبن ۾ ورهائي وئي هئي هن چيو ته شيرين مزاري جوچوڻ آهي تهجڏهن هن پاڻ هوش سنڀاليو ۽کيس حڪومتي اثر رسوخ حاصل ٿيو تههن زمين پنهنجي نالي ڪرائي ورتي ۽ انک ان خريد به نه پر جعلسازي تحصيلدار ۽ تپيدار کان زمين پنهنجي نالي ڪرائي هن چيو ته هن جاچ جي شروعات تڏهن ٿي هئي جڏهن اسان جي حڪومت نه ٺهي هئي جنهنجي نتيجي ۾ ڪيس داخل ٿيو جنهن کان پو3 عهديدارن دعالت کان وارنٽ حاصل ڪندي کيس گرفتار ڪيو هن چيو ته انجي ڪيس ۾ گرفتاري جاچ آفيسر جو ڪم آهي وڏو وزير ماڻهن کي گرفتار نٿو ڪرائي يا گهرو وزير جي هر ڪيس تي توجهه ناهي هوندي ته ڪير گرفتار ٿي رهيو آهي ڪير گرفتار نٿوٿئي هي هڪ قانوني ڪارروائي آهي ان ۾ جيڪڏهن ڪائي ڪمي ڪوتاهي ٿي آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انجي جاچ جو حڪم ڏنو آهي گهرو وزير چيو ته اسان قانوني ڪارروائي ڪرائينداسين جنهن ۾ ڪيس بابت به ڳالهه ظاهر ٿي ويندي ۽ ڪنهن ڪائي غيرقانوني قدم کنيو ته اهو به ظاهر ٿي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *