شوق سان حڪومت ناھي ورتي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هٿرادو نه قدرتي آهي: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان شوق سان حڪومت ناهي ورتي ماڻهو چوندا هئا ته اپوزيشن ڪجهه نه پئي ڪري عمران خان کي هٽايو جا آواز اچي رهيا هئا جيڪڏهن عمران اخن شوق سان لانگ مارچ ڪرڻ چاهي ٿو ته ڀلي شوق پورو ڪري اسان به پرامن لانگ مارچ ڪيو هو ۽ عمران خان جيڪڏهن ادارن تي حملو ڪيو ته قانون حرڪت ۾ ضرور ايندو ڇو ته عمران پهريان به پي ٽي وي سميت ٻين ادارن تي حملو ڪيو هو جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ سيد خورشيد احمد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان مڃان ٿو ته سنڌ ۽ بلوچستان پاڻي جيکوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن پر هي قدرتي کوت آهي ايندڙ هفتي برساتن سان بهتري جو امڪان آهي هن چيو ته تونسه ۽ گڊو وچ ۾ 20 هزار شارٽ ٿي ويو آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هاءِ ڪميشن تونسه ۽ گڊو وچ جو جائزو ورتو گرمي جي شدت سبب تونسه جي هند وٽ 10 کان 11 هزار ڪيوسڪس ضايع ٿي سگهي ٿو وڌيڪ 8 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪيڏانهن ويو اهوڏسڻو آهي جاچ ڪميٽي جي رپورٽ کان پوءِڏسنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *