سي پيڪ خطي جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي نشاني آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مثالي ڀائراڻا لاڳاپا آهن انهن جون پاڙون عوام وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن چائنا اڪنامڪ نيٽ مطابق مريم اورنگزيب چيو ته چين سان پاڪستان جي دوستي جي شروعات اسٽريٽجڪ پاٽنرشپ ۽ ثقافتي لاڳاپن سان ٿي پاڪستان ۽ چين جي عوام لازوال دستي جي رشتي ۾ ٻڌل آهي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري پاڪستان جي اقتصادي خوشحالي ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري جو هڪ مثال آهي. جيڪا خطي جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي علامت آهي چائنا اڪنامڪ نيٽ مطابق هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا خاص اهميت واراآهن ڇو ته انهن جي شروعات پاڪستان ۽ چين جي عوام کان ٿئي ٿي پاڪستان جڏهن به ڪو نئون منصوبو شروع ڪيو ويو ته ماڻهن جو خيال هو ته هي ان جي فائدي لاءِ هوندو ٻنهي ملڪن جي عوام محبت ۽ ڀائپي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي چائنا اڪنامڪ نيٽ مطابق هن چيو ته ڪراچي ۾ چيني شهرين کي نشانو بنائڻ جو بدقسمتي سان دهشتگردي جو واقعو پاڪ چين لاڳاپن کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش آهي هن چيو ته وزيراعظم سيڪيورٽي جي بنيادي سرشتي ۽ ميڪانزم جو ٻيهر جائزو ورتو آهي ۽ هو پاڻ صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن ڪراچي واقعو ٿيو ته وزيراعظم شهبازشريف پنهنجون سموريون مصروفيتون ختم ڪري چيني قونصليٽ جو دورو ڪيو هن چيو ته وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن کي ناڪام ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش کي ناڪام بنائڻ لاءِ سيڪيورٽي ميڪانزم کي بحال ڪيو مريم اورنگزيب چيو ته ڪيترائي جاري ۽ ايندڙ منصوبا ٻنهي ملڪن وچ ۾ مثالي ۽ لاوزوال دوستي کي ظاهر ڪن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *