نڪ جوناس شادي کانپوءِ به بواءِ فرينڊ جهڙو آهي: پريانڪا چوپڙا

 

پيرس (شوبز نيوز) ڀارتي ديسي گرل پريانڪا چوپڙا جو چوڻ آهي ته هن ڪڏهن به پنهنجي مڙس نڪ جوناس بابت نه سوچيو هو ته نڪ جي شخصيت مڙس جي حيثيت سان ۽ بواءِ فرينڊ جي حيثيت سان ساڳي هوندي. فرانس جي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي اداڪاره پريانڪا چوپڙا امريڪي ڳائڻي ۽ پنهنجي مڙس نڪ جوناس بابت اهم انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته کيس حيرت آهي ته شادي کانپوءِ به نڪ جونس کي مڙس جهڙو نه پر شادي کان اڳ جهڙو ڏٺو آهي. اداڪاره پنهنجي انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته هو ۽ نڪ جوناس هر روز هڪ ٻئي کي نئين روپ ۾ ڏسندا آهن ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي ڪا نه ڪا نئين عادت ڄاڻيندا آهن. پريانڪا چيو ته جڏهن مان نڪ بابت سوچيندي آهيان ته مونکي تحفظ محسوس ٿيندو آهي، نڪ جوناس منهنجي فيملي آهي جنهن کي مان پنهنجي لاءِ چونڊيو آهي. ديسي گرل پنهنجي شادي بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي شادي جي تياري گذريل سال آڪٽوبر کان ئي شروع ڪري ڇڏي هئي جنهن جي ڏيڍ مهيني کانپوءِ ڊسمبر ۾ اسان جي شادي ٿي، شادي جي تيارين ۾ مصروف اسان کي اندازو نه هو ته اسان جي شادي ايتري شاندار ۽ غير معمولي بڻجي ويندي. واضح رهي ته پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جوناس گذريل سال پهرين ڊسمبر تي هندوار 2 ڊسمبر تي عيسائي طرزِ عمل جي شادي ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *