اسان کي سال ۾ 100 کان وڌيڪ فلمون ٺاهڻ گهرجن: عثمان خالد

 

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ٽيلي ويزن ڊرامن ۽ فلمن جي مشهور اسڪرپٽ رائيٽر، ڪوريو گرافر ۽ اداڪار عثمان خالد بٽ چيو آهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري کي اڳتي آڻڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سال ۾ 20 کان 30 فلمن بدران سئو کان وڌيڪ فلمون سينما گهرن جي زينت بڻائڻيون پونديون. تڏهن وڃي پاڪستان فلم انڊسٽري ماضي جيان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿي. عثمان خالد بٽ ڪجهه ورهيه اڳ اسلام آباد ٿيٽر مان پنهنجي شوبز ڪيريئر جي شروعات ڪئي. هن ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. عثمان خالد بٽ ڪجهه فلمون به لکيون آهن جن ۾ سياه ۽ جانان شامل آهن. سندس مقبول ڊرامن ۾ سنڊريلا، ديار دل، منڪر، الف ۽ باغي شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *