نين ڪوآرڊينيشن ڪاميٽيون سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحرڪ تنظيمون آڻين:بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تاريخ پاڪستان پيپلزپارٽي جي نين ڪوآرڊينيشن ڪاميٽين تي وڏي ذميواري رکي آهي ۽ انهن ڪاميٽين کي گهرجي ته پارٽي ۽ سڄي قوم کي جيڪي سياسي چئلينجز سامهون آهن انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحرڪ تنظيمون آڻين، سخت محنت ڪن ۽ ڪارڪنن سان ويجهي رابطي ۾ رهن،اڄ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي سان گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوري جدوجهد ۽ جمهوري قدرن جي مشعل بردارپارٽي هجڻ جي ناتي پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي اجتماعي اتساه لاءِ ملڪ جي ڪند ڪڙڇ ۾ واحد نمائنده طور نمايان بيٺل رهي آهي،گڏجاڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي ميمبرن راجا پرويز اشرف، رانا فاروق احمد خان، چوڌري منظور۽ نديم قائره شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پيپلزپارٽي عورت ونگ جي صدر ايم اين اي فريال ٽالپر،قمرالزمان قائره ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو به موجود هئا، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پنجن ئي صوبائي ڪوآرڊينيشن ڪاميٽين جي لاءِ اقليتن بابت صلاحڪاري ڪاميٽيون جوڙيون وينديون جيڪي کين اقليتن سان لاڳاپيل معاملن بابت مشورا ڏينديون. هن چيو ته صوبن ۾ پارٽي جي نئين تنظيم کان اڳ ۾ سموريون گڏجاڻيون ڪوآرڊينيشن ڪاميٽيون ڪوٺائينديون، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گڏجاڻي ۾ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي کي هدايت ڪئي ته اوڪاڙا جي هارين جو معاملو هر فورم تي اٿاريو وڃي، ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي ميمبرن پارٽي چيئرمين کي خاطري ڪرائي ته پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ سفارشون ۽ تجويزون جوڙڻ ۽ نئين دور سان هم آهنگ ڪارڪنن جي ٽيم جوڙڻ  وقت پنهنجي سمورا ذاتي پسند ناپسند کي هڪ پاسي رکندا، گڏجاڻي اڍائي ڪلاڪ تائين جاري رهي جنهن ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي جي حوالي سان سمورن معاملن تي تفصيل سان ويچاريو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *