صحافي پسٽل سنڌ اسيمبلي ۾ آڻي سيڪيورٽي جا پول کولي ڇڏيا، گرفتار، وفاق نوٽيس ورتو، مذمت

اسلام آباد/ڪراچي (م.ڊ/اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي ۾ نجي ٽي وي جو اينڪر ساٿي سميت هٿيار کڻي ايوان ۾ پهتو ته سيڪيورٽي اهلڪارن کيس حراست ۾ ورتو صوبائي گهرو وزير ڊي آءِ جي سائوٿ جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي ويئي آهي گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چينل جو اينڪر اقرارالحسن پنهنجي ساٿي سميت هٿيار گڏ کڻي سنڌ اسيمبلي ۾ پهتو اسيمبلي ميمبرن موجب جڏهن سيڪيورٽي اهلڪارن اينڪر جي ساٿي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته اقرارالحسن سيڪيورٽي ادارن کي چيو ته ان کي منهنجي ضمانت تي ايوان ۾ اچڻ ڏنو وڃي جنهن کان پوءِ ٻئي ايوان ۾ پهچي ويا ۽ ايوان اندر هٿيار ظاهر ڪيا. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر چيو آهي ته اوهان جي سيڪيورٽي ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي ايوان ۾ هٿيار کڻي داخل ٿيو آهي جنهن بعد سيڪيورٽي گارڊ کان هٿيار کسي اسپيڪر جي حوالي ڪيو ويو ٻئي طرف صوبائي گهرو وزير واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺندي هٿيار ۽ ان شخص سميت نجي ٽي وي چينل جي اينڪر کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي صوبائي گهرو وزير جي حڪم کان پوءِ پوليس ٻنهي ڄڻن کي پنهنجي حفاظت ۾ وٺي ڇڏيو آهي گهرو وزير انورسيال جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي وارن معاملن ۾ غفلت ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته اسپيڪر سراج دراني چيو آهي ته هٿيار هٿ ڪرڻ واري واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سُڌ سماءُ بابت وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو سنڌ اسيمبلي ۾ هٿيار کڻي اچڻ واري مامري تي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ هٿيار کڻي اچڻ واري مامري جي سنڌ حڪومت جا چڪري رهي آهي. مولا بخش چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ اسيمبليءَ جي سموري سڪيورٽي عملي کي معطل ڪري سندن خلاف به جاچ ڪئي ويندي. مولا بخش چانڊئي چيو ته دوستن رعايتن جو ناجائز فائدو وٺي ڪوڙو ڊرامو رچايو آهي جنهن کي جاچ بعد وائکو ڪيو ويندو.سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران هڪ خانگي ٽي وي چينل جي اينڪرپرسن پاران سنڌ اسيمبليءَ جي سڪيورٽي عملدارن جي پت وائکي ڪرڻ جي لاءِ اسيمبلي هال ۾ هٿيار کڻي وڃڻ واري عمل بعد سنڌ جي تعليم واري وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي ته هڪ صحافين جي خراب حرڪت جي ڪري سڀ صحافي هاڻي شق جي نگاهه سان ڏٺا ويندا. سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي ڳالهائيندي نثار احمد کهڙي چيو ته خانگي ٽي ويءَ جي هڪ صحافيءَ جي خراب عمل سبب هاڻي سڀ صحافي شڪي بڻجي ويا آهن. ٻئي طرف صحافين تنظيمن پاران اقرار الحسن جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪئي وئي  آهي، هوڏانهن وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار صحافي جي گرفتاري جي مذمت ڪندي واقعو جو نوٽيس ورتو آهي، چوڌري نٿار گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي  آهي ته هو آءِ جي سنڌ سان  رابطي ڪري معاملي جي رپورٽ وٺي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *