پ پ پ ۽ سنڌ حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات ۽ آرڪائيوز بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو آرڪائيوز جي آفيس ۾ سنڌ جي مختلف پريس ڪلبن جي عهديدارن ۾ امدادي چيڪ ورهايا. جن ۾ ملير پريس ڪلب، سجاول پريس ڪلب، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۽ ٻيون پريس ڪلبون شامل آهن. ملير پريس ڪلب جو چيڪ صدر آغا طارق پٺاڻ وصول ڪيو، ان موقعي تي ملير ڊسٽرڪٽ ڪونسل جي نامزد چيئرمين سلمان عبدالله مراد ۽ پيپلز پارٽي ملير جا ڪارڪن به موجود هئا، جڏهن ته ٻين پريس ڪلبن جي عهديدارن پنهنجا پنهنجا چيڪ وصول ڪيا. پريس ڪلبن جي عهديدارن سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو چيو ته پريس ڪلبس هائيڊ پارڪس جيان ڪم ڪن ٿا، جتي مختلف طبقن سان تعلق رڪندڙ ماڻهو پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ اچن ٿا ۽ سياسي پارٽين جا ورڪرز ۽ اڳواڻ به موقف پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪلبس جا دورا ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت هميشه صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ سنڌ حڪومت سموري صوبي جي پريس ڪلبس جي تعمير ۽ ترقي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندي رهندي. هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات ۽ آرڪائيوز بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو سنڌ اسيمبلي ۾ پسٽل واري معاملي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه دوستن پاڻ کي ملندڙ رعايت جو ناجائز فائدو وٺندي اهو ڊرامو رچايو آهي. سنڌ حڪومت معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي. سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال به معاملي جو سخت نوٽيس ورتو آهي. سنڌ اسيمبلي جي انتظاميه لاڳاپيل سيڪيورٽي اهلڪارن کي معطل به ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسيمبلي جي اندر به ان معاملي جي جاچ تي ڪم ٿي رهيو آهي. مولابخش چانڊيو چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪاوشن سان سموري صوبي خاص ڪري ڪراچي ۾ امن جي فضا قائم ٿي آهي ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ خاطر خواه گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته جيئن ئي اسيمبلي معاملي جي جاچ مڪمل ٿيندي ان جون حقيقتون ميڊيا سان شيئر ڪيون وينديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *