نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي پرڏيهي رانديگرن جي لاءِ غير محفوظ قرار

لاهور(اسپورٽس نيوز)نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي غير ملڪي رانديگرن جي لاءِ غير محفوظ قرار ڏنو ويو آهي، چيئرمين پي سي بي نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل ۾ شامل پرڏيهي رانديگرن ۾ ۱۰۰ سيڪڙو قائد جي شهر ۾ چيچ کيڏڻ جي لاءِ تيار ناهن، هتي فاٽا يا بلوچستان وانگر القاعده ۽ دهشتگردي جا عنصر به ناهن، هڪ عرصي تائين ڏوهن جي شرح وڌي آهي، هن چيو ته اسان پي ايس ايل فائنل سميت ۵ ميچون ڪراچي ۾ ڪرائڻ جا خواهشمند آهيون، پر ان جي لاءِ وڏا وڏا معاملا ڏسڻا پوندا آهن، ڇهين فرنچائز جي شموليت کانپوءِ مختلف ٽيمن ۾ ۵۰ جي ويجهو غير ملڪي ڪرڪٽرز ۽ آفيشلز شامل ڪيا ويا آهن، انهن سڀني کي قائل ڪرڻ آسان ڪم ناهي، ۱۰۰ سيڪڙو رانديگرڪراچي جڏهن ته ۵۰ لاهور ۾ راند کيڏڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *