اعصام الحق کي پهرين رائونڊ ۾ شڪست، سنسناٽي ايونٽ مان آئوٽ

واشنگٽن(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق سنسناٽي ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز ڊبل جي پهرين رائونڊ ۾ شڪست کان پوءِ ٽائٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويو آهي، آمريڪا ۾ جاري ايونٽ ۾ کيڏيل ڊبلز جي پهرين رائونڊ ۾ جرمني جي زيوريف ۽ سندس ارجنٽائن جي جوڙيدار ڊائيگو شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي ٽينس اسٽار اعصام الحق ۽ سندس ڪروشيا جي ساٿي دارنيڪولا مڪٽڪ کي سخت مقابلي کان بعد ۷.٦، ۳.٦ ۽ ۱۳.۱۵ تان هارائي پري ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ پڪي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پهرين رائونڊ ۾ شڪست ملڻ کان پوءِ اعصام الحق پنهنجي ساٿي سميت ايونٽ مان آئوٽ ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *