اداڪارا يمي گوتم پنهنجون اکيون خيرات ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز)معروف باليووڊ اداڪارا گوتم يمي پنهنجون اکيون خيرات ڪرڻ جو ارادو ظآهر ڪري ڇڏيو. هن ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته نه صرف مان پر منهنجو خاندان به اهو نيڪ ڪم ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو خاندان جي ان عهد تي مونکي فخر آهي.  اداڪارا اڄ ڪلهه ماڻهن ۾ عضوا خيرات ڪرڻ جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جيڪوشش ڪري رهي آهي.  ان ورلڊ آرگن ڊونيشن ڊي تي عضوار خيرات ڪرڻ جي اهميت تي روشني وجھندي ٻڌايو ته محسوس ڪيان ٿي جيڪي ماڻهون نابين آهن اسان انهن جي لاءِ ڪجھه به نه ٿا ڪري سگھون پر انهن جي لاءِ پنهنجا عضوا ضرور خيرات ڪري سگھون ٿا، ان ڪري مان پنهنجون به اکيون خيرات ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. ياد رهي باليووڊ جي اداڪارا گوتم يمي فلم ڪابل ۾ انڌي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو هو، ۽ ان فلم سائن کان پهريان عهد ڪيو هو ته هوءَ پنهنجون اکيون خيرات ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *