ن ليگ چونڊن جي تيارين سميت ۳ اهم فيصلا ڪري ورتا

اسلام آباد(م.ڊ)  حڪمران مسلم ليگ (ن) جي قيادت ملڪ ۾ مجموعي سياسي صورتحال سبب نئين چونڊن جي تيارين جي سلسلي ۾ عوامي مهم هلائڻ سميت ۳ اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. رپورٽ مطابق مسلم ليگ (ن) جي قيادت طرفان ڪيل فيصلن ۾ وفاقي حڪومت طرفان نئين احتساب قانون سميت اهم معاملن بابت قانونسازي کي جلد کان جلد پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ، شريف خاندان خلاف عدالتن ۾ داخل ريفرنسز جي امڪاني فيصلن جي پيشنظر پارٽي جي تنظيمي اسٽرڪچر ۾ فوري تبديلي ۽ عام چونڊن جي تيارين لاءِ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ شامل آهن. مسلم ليگ (ن) جي قيادت قانون جي منظوري جو ٽاسڪ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، عدالتي فيصلو امڪاني طور تي شريف خاندان خلاف اچڻ جي صورت ۾ پارٽي سيٽ اپ ۾ تبديلي جو ٽاسڪ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ عام چونڊن جي تيارين لاءِ فوري طور تي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو ٽاسڪ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ ٻين اهم پارٽي اڳواڻن کي ڏئي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *