نيب ڪوڙو ڪيس بڻائي تذليل ڪري رهيو آهي، ڪوڙ ڳالهايان ته الله تعاليٰ سخت ترين سزا ڏئي: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جو چوڻ آهي ته نيب ڪوڙو ڪيس بڻائي منهنجي تذليل ڪري رهيو آهي. احتساب عدالت لاهور ۾ رمضان شگر مل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عدالت ۾ پيش ٿيا، ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته مون کي 5 منٽ ڏنا وڃن آئون ڪيس جي فيڪٽ تي ڳالهائيندس، آئون عدالت ۾ پاڻ ڪجهه حقيقتون رکڻ چاهيان ٿو. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته خطاڪار ترين انسان آهيان پر مون پبلڪ سروس ۾ ڏينهن رات هڪ ڪيو پر نيب ڪوڙو ۽ بي بنياد ڪيس بڻائي منهنجي تذليل ڪري رهيو آهي،  اسان سڀني کي هڪ ڏينهن قبر ۾ وڃڻو آهي، الله مون سخت ترين سزا ڏئي جيڪڏهن آئون ڪوڙ ڳالهايان ته. شهباز شريف جو چوڻ هو ته 2015ع ۾ سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه 181 رپيا في مڻ مقرر ڪيو اسان 180 رپيا في مڻ مقرر ڪيو پر سنڌ حڪومت اگهه 181 کان گهٽ ڪري 165 رپيا في مڻ ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *