نواز شريف کان ڪوٽ لکپت جيل ۾ نيب جي هڪ ڪلاڪ آڏي پڇا، سوال نامون سندس حوالي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) توشا خانه ڪيس ۾ نيب اسلام آباد جي ٽه رڪني ٽيم  اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف کان ڪوٽ لکپت جيل ۾ هڪ ڪلاڪ تائين آڏي پڇا ڪئي ۽ هڪ سوالنامو سندس حوالي ڪيو.  اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني ٽيم سان مشوري کانپوءِ نيب کي سوالنامو موڪليندو. نواز شريف خلاف ڪيس ۾ سرڪاري گاڏين ۽ مختلف ملڪن کان ملندڙ قيمتي تحفا غير قانوني ۽ ذاتي استعمال ڪرڻ جو الزام آهي. نيب اسلام آباد جي ٽه رڪني ٽيم ڪوٽ لکپت جيل لاهور پهتي ته نواز شريف کي سڪيورٽي سيل مان جيل سپرنٽنڊنٽ جي ڪمري ۾ سخت سڪيورٽي ۾ آندو ويو. نيب جي ٽن آفيسرن تي ٻڌل جاچ ٽيم  نواز شريف کان هڪ ڪلاڪ تائين آڏي پڇا ڪئي. نيب طرفان نواز شريف کي سوالنامو ڏنو ويو جنهن ۾ ڪجهه سولان جا جواب نواز شريف ڏنا ۽ ڪجهه بابت اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مون کي خبر ناهي ته ۽ وزيراعظم طور سندس اها ڊيوٽي ناهي ته ڪهڙا تحفا مليا، کين جيڪو مليو اهو سرڪاري ناڻي ۾ جمع ڪرايو ويو، رهي ڳالهه گاڏين جي استعمال جي ته وزيراعظم طور مون کي گاڏين جي استعمال جو آئيني ۽ قانوني حق حاصل آهي جنهن جو رڪارڊ به چيڪ ڪري سگهجي ٿو.  نواز شريف چيو ته ڪجهه سوالن جا جواب مون وٽ نه آهن ۽ قانوني ٽيم سان مشوري کانپوءِ جواب ڏيندس. نيب ٽيم نواز شريف کان هڪ ڪلاڪ جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد رواني ٿي وئي. نواز شريف کان جاچ دوران جيل آفيسرن کي  ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هئي. سپرنٽينڊنٽ جيل سميت ٻيا آفيسر ۽ اهلڪار ڪمري ۾ ئي موجود رهيا. سپرنٽينڊنٽ جيل سميت ٻيا آفيسر ۽ اهلڪار ٻاهر ئي موجود  رهيا. نيب جي ٽيم جي واپس ويندي ئي نواز شريف کي سندس ڪمري ۾ پهچايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *