سنڌ ۾ ضبط اثاثا آصف زرداري جا ۽ مبينا طور تي اومني گروپ جي بنا نالي آهن: نعيم الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي خاص مددگار نعيم الحق تصديق ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ضبط اثاثا آصف زرداري جا آهن، مني لاندرنگ ڪيس جي جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ اهي ڪمپنيون اومني گروپ جو ٻڌايون ويون آهن، نديم خان جو نالو آصف زرداري جي فرنٽ مين جي طور تي جي آءِ ٽي ۾ به شامل آهي. تفصيل موجب وزير اعظم جي خاص مددگار نعيم الحق سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي تصديق ڪئي ته سنڌ ۾ ضبط اثاثا آصف زرداري جا آهن. نعيم الحق ٻڌايو ته بنا نالي ملڪيت ۾ مارشل هومز اينڊ بلڊرز جي سول لائنز ڪراچي ۾ پراپرٽي 126 اي ون ۽ نديم احمد خان جو پلاٽ نمبر 122 بلاڪ 5 ڪلفٽن شامل آهي. وزير اعظم جي خاص مددگار جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي رپورٽ موجب نديم احمد خان آصف زرداري جو فرنٽ مين آهي، جنهن 6 ڪمپنين جون ملڪيتون، اثاثا ضبط ڪيا، انهن جو تعلق اومني گروپ سان آهي، اومني گروپ جي ڪراچي جي 6 ڪمپنين جو ذڪر جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ به موجود آهي. هن چيو ته بنا نالي ملڪيتن ۾ڪراچي سول لائنز ۾ پلاٽ نمبر 2/18، پلازه انٽر پرائزز پرائيويٽ لميٽڊ، المفتاح هولڊنگ پرائيويٽ جي ٺٽي واري فيڪٽري ۾ 22 ڪروڙ رپين جا شيئرز، اسڪائي پاڪ هولڊنگ جي ٺٽي واري سيمنٽ فيڪٽري ۾ 22 ڪروڙ کان وڌيڪ شيئرز شامل آهن. نعيم الحق موجب اثاثن ۾ رائزنگ اسٽار هولڊنگ جي ٺٽي واري سيمنٽ فيڪٽري ۾ 70 لک کان وڌيڪ جا شيئرز، سيراڪوم اسٽاڪ جي خانگي بينڪ ۾ 30 ملين جا شيئرز ۽ پارڪ ويو اسٽاڪ جي 30 ملين جي خانگي بينڪ ۾ شيئرز به شامل آهن. سنڌ ۾ ضبط ٿيل ملڪيتون مبينا طور تي اومني گروپ جي بنا نالي آهن، سنڌ ۾ ضابطگي جي لاءِ جاري حڪمن ۾ 2 ارب کان وڌيڪ شيئرز به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *