نيب ڪميٽي رد، نيب قانون ۾ جوڊيشنري ۽ پاڪ فوج ناهي اينديۡ: سنڌ حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته نيب پاران تاجرن جي ايشوز جي حل لاءِ بڻايل ڪميٽي غير قانوني آهي ۽ 33 سي جي تحت چيئرمين نيب کي ان ڳالهه جو اختيار حاصل ناهي ته هو ڪنهن قسم جي ڪميٽي بڻائي هن چيو ته نيب قانون ۾ جوڊيشنري ۽ پاڪ فوج ناهي ايندي ڇو ته انهن جو پنهنجو هڪ نظام آهي بيورو ڪريٽ ۽ بزنس ڪميونٽي به ان قانون کان آجي هاڻي صرف اپوزيشن لاءِ ئي نيب قانون رهجي ويا آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو هن چيو ته ڪو به تاجر حڪومت جي مرضي مطابق نه هلندو ان کي نيب ڪميٽي جي ذريعي نشانو بڻايو ويندو ۽ ڪميٽي کي سياسي مقدمن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هن چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبر بابت ابتيون سبتيون خبرون هلايون ويون جڏهن ته ان جا سمورا اثاثا ظاهر آهن ان لاءِ ميڊيا ذميواري جو مظاهرو ڪري هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير ۽ وزيراعظم پاڪستان چاهي هڪٻئي کي پسند نه هجن پر انهن کي هڪٻئي سان ملڻ گهرجي ڇو ته ٻئي عهدا آئيني آهن ۽ هو ان ڳالهه جو تقاضو ڪندو آهي ته صوبي ۽ وفاق کي رابطي ۾ رهڻ گهرجي هن چيو ته وزيراعظم جو دورو دراصل پي ٽي آئي جي اندروني اختلافن ۽جهيڙي جو نتيجو آهي ته جيئن پي ٽي آئي تماشو نه بڻجي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان ٻين پارٽين کي به ملاقات لاءِ گهرايو آهي ۽ مان توقع رکندو آهيان ته جي ڊي اي جا اڳواڻ وزيراعظم کان ايم ڪيو ايم پاران آرٽيڪل 239 بابت سوال ڪندا جڏهن ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم کان 162 ارب رپئي جي باري ۾ به پڇندي هن چيو ته اسان ورلڊ بينڪ جي تعاون سان ڪراچي کي خوبصورت بڻائينداسين ۽ صوبائي حڪومت پنهنجي آئيني اختيار ۾ رهي ڪم ڪندي ۽ وفاق کان خيرات نه گهرندي سنڌ جي وڏي وزير جي وزيراعظم سان نه ملڻ جي سوال تي هن چيو ته وڏي وزير سان ملڻ جي ذميواري وزيراعظم جي آهي سنڌ جي وڏي وزير جي نه هن چيو ته سي جي ڪينال تي پاور پلانٽ جي تعمير تي اسان کي تحفظات آهن جنهن کي پري ڪرڻ ضروري آهي سعيد غني چيو ته پي ٽي آئي اڳواڻ پنهنجي وفاقي وزير جي صفائي مهم جو به پوسٽ مارٽم ڪن اسان شهر صاف ڪري رهيا آهيون ان سلسلي ۾ چائنيز ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي به نظر رکي وڃي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جي يو سموري صوبي ۾ مارچ ڪري سگهي ٿي ۽ انهن کي هر ضلعي ۾ قانوني طور تي اجازت وٺڻي پوندي اسان به انتظاميا جي اجازت کان پوءِ جلسو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *