ڪرپشن سڀ کان وڌو مسئلو آهي، ڪرپشن جي خاتمي تائين ٻاهرين سيڙپڪاري نه ايندي: عمران خان

حب (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي اسان جي ڪوشش آهي ته ماضي ۾ ريڪوڊڪ جي ٺيڪيدار ڪمپني ٻيهر پاڪستان ۾ اچي ڪم ڪري. بلوچستان ۾ 1320 ميگا واٽ جي چائنا حب پاور جنريشن پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مان ڏاڍو خوش آهيان، ڇو ته هي سي پيڪ تحت پهريون گڏيل منصوبو آهي ۽ اهو ئي تسلسل اڳتي ڏسڻ چاهيون ٿا، ڇو ته اهڙي قسم جا گڏيل منصوبا سٺو سنئوڻ آهن ۽ حڪومت ان حوالي سان هر قسم جون سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته ان منصوبي لاءِ ڪوشش ڪنداسين ته گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو ڪوئلو ٿر کان آندو وڃي، ڇو ته ان سان پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا محفوظ ٿيندي، هن وقت اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو آهي، جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته 20 ارب ڊالر خسارو هو، اهو ئي سبب آهي جو رپئي جي قدر تي دٻاءُ ٿيو ۽ ڊالر مهانگو ٿي ويو، ان جي ڪري مهانگائي به ٿي، ڇو ته رپئي جو قدر گهٽجڻ سان جيڪا به شئي امپورٽ ڪئي وڃي، اها مهانگي ٿي ويندي آهي، تنهن ڪري اسان چاهيون ٿا ته هاڻ اسان جا جيڪي به پاور پراجيڪٽ ٺهن، انهن ۾ مقامي فيول استعمال ٿئي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ 50 هزار ميگا واٽ هائيڊرو پيداوار جي صلاحيت آهي، اسان کي ان تي اڳ ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي ها پر بدقسمتي سان ائين نه ڪيو ويو ۽ اسان ئي درآمدي فيول تي ئي ڀاڙڻو پئي ٿو، تنهن ڪري ڊالر مهانگو ٿئي ٿو ته بجلي مهانگي ٿي وڃي ٿي، اسان جيتري مقامي فيول تي بجلي ٺاهينداسين، ان سان ان شئي کان بچي وينداسين ته جيڪڏهن ڊالر مهانگو ٿئي ٿو ته بجلي مهانگي نه ٿيندي. عمران خان چيو ته جڏهن کان اسان جي حڪومت آئي آهي ته ڪاروبار ۾ سولائيون پيدا ڪري رهيا آهيون، ٻاهران ايندڙ سيڙپڪار لاءِ ضروري هوندو آهي ته ان لاءِ سولائيون هجن، ان حوالي سان اسان کي اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي پر عوام نتيجا ڏسندو. وزيراعظم بلوچستان جي وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون کي اندازو نه هو هي صوبو ڪيترين نعمتن سان مالا مال آهي، ريڪوڊڪ جو ڪيس ٿيو، ٻاهران وڏيون ڪمپنيون ڪم ڪرڻ آيون پر ان تي قانوني ڪارروائي ٿي، ڪمپني ٻاهر وڃي ڪيس کٽيو ۽ پاڪستان تي 6 ارب ڊالرن جو ڏنڊ لڳو، جڏهن مان آمريڪا جي دوري تي هيس ته مون کي نياپو آيو ته جنهن ڪمپني کي اهو سڌي ريت ٺيڪو ڏنو ويو، ان جو چيئرمين مون سان ڳالهائڻ چاهي ٿو ۽ جڏهن منهنجي ان سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن ٻڌايو ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سون جا ذخيرا پاڪستان وٽ آهن ۽ اهي بهتر آهن، مون کي اندازو نه هو، مان سمجهيو پئي ته ٽامي جا ذخيرا آهن پر سون جا ذخيرا به آهن، جن جي کوٽائي سولي آهي ۽ پوءِ چيئرمين چيو ته اسان ٻيهر اچڻ جو ان لاءِ سوچي رهيا آهيون، ڇو ته توهان جي حڪومت صاف آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ريڪوڊڪ ۾ اها ئي ڪمپني ٻيهر اچي ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪري. تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته ڪرپشن پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، اسان کي ان هنڌان اربين ڊالر ملي پئي سگهيا پر رڳو ان ڪري نه مليو، ڇو ته هتي ڪرپشن هئي، ڪجهه ماڻهن پئسو ٺاهڻ لاءِ پاڪستان کي نقصان پهچايو، تنهن ڪري پاڪستان ۾ کوٽائيءَ جون وڌيڪ ڪمپنيون نه آيون. سندس چوڻ هو ته جيستائين ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو نٿو ٿئي، ٻاهرين سيڙپڪاري نه ايندي، اسان جي ملڪ ۾ ٿرڪول ۾ 185 ارب ٽن ڪوئلو پيو آهي، جنهن سان 100 سالن تائين پاڪستان کي بجلي فراهم ڪري سگهون ٿا، اهڙي ئي ريت اسان وٽ گئس جا ذخيرا موجود آهن پر ان لاءِ اسان کي سيڙپڪاري گهرجي. وزيراعظم چيو ته هن ملڪ کي صاف ۽ شفاف حڪومت جي ضرورت ان ڪري آهي، ڇو ته الله هن ملڪ کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي، اڄ اسان قرضي ان ڪري آهيون، ڇو ته اسان گورننس جو اهو نظام نه ڏسي سگهياسين، جنهن سان سيڙپڪار پاڪستان اچن پر ايندڙ دور ۾ سي پيڪ اسان لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي، اسان ان ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون. عمران خان موجب چين پيداوار ۾ اسان کان ٻيڻ کان ٽيڻ تي اڳتي آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي پيداوار کي ٻيڻو ڪري ڇڏيون ته اسان جا مسئلا حل ٿي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *