نيب ڪروڙين رپيا هٿ ڪيا انهن مان هڪ اسپتال ئي ٺهرائي ڇڏي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس آصف سعيد کوسا جو چوڻ آهي ته اڄ ڪلهه جوابدارن طرفان پيش ڪيل ميڊيڪل رپورٽن تي عدالتون محتاط ٿي چڪيون آهن. تفصيل موجب جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پ پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت طرفان شرجيل ميمڻ جي ڪيس کي ايندڙ هفتي تي مقرر ڪرڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته ميڊيا رپورٽن موجب شرجيل ميمڻ کي اسپتال ۾ سڄو فلور ڏنو ويو، ڪنهن چيو ته جوابدار نيب جي هٿان گرفتار ٿيندي ئي بيمار ٿي ويندا آهن، نيب ڪروڙين رپيا ريڪور ڪندي آهي ته هڪ سٺو اسپتال ئي ٺهرائي ڇڏي. جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته عام طور تي ميڊيا رپورٽن تي يقين نٿو رکان، اڄ ڪلهه ايندڙ ميڊيڪل رپورٽن تي عدالتون محتاط ٿي چڪيون آهن، شرجيل ميمڻ جي درخواست کي مرڪزي ڪيس سان ٻڌو وڃي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جنوري جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪندي نيب کي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *