اسلام اتحاد تي پارليامينٽ ۾ بحث، رولنگ ڏني ته لاپتا ٿي ويندس: رضا رباني

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته فيض آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙن کي  ٽي اي ڊي اي نه پر رڳو ٽي اي مليو آهي. سينيٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي واري معاملي تي بحث ڪيو ويو. بحث دوران سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته فيض آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙن کي ڪهڙي سطح تي ٽي اي ڊي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو ڇو ته پئسا ورهائڻ دوران شاباش ڏني وئي. رضا رباني چيو ته ٽي اي ڊي اي نه رڳو ٽي اي ڏنو ويو آهي. فرحت الله بابر چيو ته لفافا ورهايا ويا. سينيٽ ۾ اسلامي فوجي اتحاد تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه وٺن بابت التوا واري رٿ تي سينيٽ ۾ بحث ٿيو. پ پ سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته اسلامي فوجي اتحاد جي ٽي او آرز تي کين اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي ۽ نه وري ٻڌايو ويو ته اتحاد تي ايران کي خدشا آهن. پرڏيهي آفيس کان پڇو ويو ته هن ايران سان ٿيل ڳاهين کان لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته اٿارٽي کان پڇي ٻڌائي سگهي ٿو، ٻڌايو وڃي ته اها اٿارٽي ڪير  آهي. فرحت الله بابر چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايران جو دورو ڪيو پر پارليامينٽ کي خبر ناهي ته ڪهڙا معاملا طئي ڪيا ويا، هڪ ادارو پاڻ پاليسيون ٺاهي رهيو آهي جنهن جي پرڏيهي وزارت کي به خبر ناهي. فرحت الله بابر سييٽ چيئرمين کي چيو ته توهان ان تي رولنگ ڏيو ۽ پرڏيهي آفيس کي طلب ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن هن رولنگي ڏني ته 12 مارچ کان اڳ گم ٿي ويندس، اها ڳالهه مان لائٽر موڊ ۾ چئي رهيو آهيان. سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان ڪيستائين ٻين جي ويڙهه ڪنداسين، پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ توهان ڇا ڪيو آهي؟ اسان تقريرون ڪرڻ نه پر قانونسازي ڪرڻ ايندا آهيون. پ پ جي سينيٽر سحر ڪامران چيو ته ڪنهن کي خبر ناهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ڪهڙي آهي، ان تي مون کي شديد خدشا آهن، حڪومت فيصلا ڪرڻ بعد به پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ٿي وٺي، جيڪڏهن توهان پارليامينٽ تي يقين رکو ٿا ته پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *