تڪبندين جي بل تي ڊيڊ لاڪ ختم، بل 19 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو فيصلو، پاڪستان 2030 تائين بجلي پوري ڪرڻ جي قابل ٿي چڪو آهي: وزير اعظم

اسلام آباد/ مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گذريل 4 سالن ۾ 10 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي جنهن سان پاڪستان 2030ع تائين بجلي پوري ڪرڻ جي قابل ٿي چڪو آهي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي مظفر آباد ۾ پتريندر منصوبي جو افتتاح ڪيو ۽ ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ پاڪستان بجلي جي معاملي ۾ خودڪفيل ٿي چڪو آهي ۽ ن ليگ انهن منصوبن کي محنت سان مڪمل ڪيو جنهن کان پوءِ به وڌيڪ توانائي جا منصوبو ڪم هيٺ آهن. هن چيو ته پتريندر منصوبو پاڪستان ۽ ڪورتا جي دوستي جي واضع مثال آهي جنهن سان 147 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ آزاد ڪشمير جي بجلي جي ضرورت پوندي ٿيندي.  وزير اعظم چيو ته اسان جي حڪومت منصوبا شروع ڪري انهن کي مڪمل ڪندي آهي جنهن صوبي ۽ شهر ۾ وڃو، ن ليگ جو ڪم نظر ايندو. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 4 سالن ۾ 10 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ۽ پاڪستان 2030ع تائين بجلي پوري ڪرڻ جي قابل ٿي چڪي آهي.  اسان ڪي سياسي يتيم ناهيون ۽ حڪومت جي مدي تي ڳالهيون ڪندڙ ماڻهو پنهنجي سياست ڪن تنهن هوندي جولاءِ ۾ اليڪشن ٿيندي، ميدان ۾ مقابلو ڪجو.ٻئي طرف  وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ تڪبندين بابت ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو آهي ۽ بل کي 19 ڊسمبر تي سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ تڪبدين جي بل ۽ فاٽا سڌارن جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ لاءِ اجلاس گهرايو ويو. مخالف ڌر جون پارٽيون فاٽا سڌارن جي بل واري معاملي تي حڪومت سان ڳالهين لاءِ گڏيل مخالف ڌر جي ڪميٽي جوڙي آهي جڏهن ته تڪبندين بابت بل تي حڪومت سينيٽ مان بل منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ حڪومت جي اهم اتحادي مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي شرڪت نه ڪئي.  وزيراعظم جي پارلياماني اڳواڻن سان ناشتي جي ميز تي اهم معاملن تي مشاورت ٿي جنهن بعد وزيراعظم جي سربراهي ۾ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پ پ، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم پاڪستان، عوامي مسلم ليگ اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته تحريڪ انصاف، جي يو آءِ ف ۽ پشتونخوا ميپ مان ڪنهن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.  وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ ٿيل اهم اجلاس ۾ تڪبندين جي بل، فاٽا سڌارن جي بل ۽ آدشماري تي مخالف ڌرجي خدشن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب اجلاس ۾ تڪبدين بابت بل تي ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو ۽ ان حوالي سان سمورا خدشا ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو جنهن بعد بل کي 19 ڊسمبر تي سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب تڪبندين جي معاملي جو جائزو ۽ ان جي حل لاءِ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ سينيٽر مشاهد الله، مير حاصل بزنجو، تاج حيدر ۽ مشاهد حسين شامل هوندا.  ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فاٽا سڌارن جي بل واري معمالي تي پارلياماني اڳواڻن جو هڪ الڳ اجلاس گهرايو ويندو جيڪو هڪ ٻن ڏينهن اندر ئي طلب ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ شريڪ پ پ جي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو ته آدمشماري ۽ تڪبندين جو معاملو سهڻي نموني طئي ڪيو ويو آهي، ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ته ان حوالي سان تيار ڪيل 4 رڪني ڪميٽي ۾ پنجون ميمبر پختونخوا ميپ جو عثمان ڪاڪڙ هوندو. هن چيو ته ان حوالي سان جيڪي اعتراض هوندا اهي جلد کان ٻن هفتن اندر حل ڪيا ويندا جڏهن ته وزيراعظم کي پاڻ ان معاملي جي نگرانيءَ جو اعلان ڪيو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته جيئن ئي تڪبندين جو بل 19 ڊسمبر تي سينيٽ مان منظور ٿيندو ان بعد اليڪشن شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو ۽ اليڪشن وقت تي ئي ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *