ريڊ زون ۾ استادن ۽ آبادگارن جي پوليس رويي تي دل آزاري ٿي آهي ته معافي ٿو گهران: اي ڊي خواجا

دادو (ويب ڊيسڪ) آئي جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته ريڊ زون ۾ استادن ۽ آبادگارن جي پوليس رويي تي دل آزاري ٿي آهي ته معافي وٺان ٿو. هن اهڙو اظهار دادو ۾ اي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽنگ روم جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اي ڊي خواجه چيو ته منهنجا سنڌ حڪومت سان ڪي به اختلاف نه آهن، اهو حڪومت جو ثوابديد آهي ته ڪنهن کي آئي جي مقرر ڪري ٿي ، وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت گڏجي جيڪو فيصلو ڪن ٿا اهو سرڪاري ملازم کي قابل قبول هجڻ کپي. هن چيو ته ريڊ زون ۾ پوليس مظاهرين کي روڪڻ تي مجبور ٿيندي آهي ، استاد هن ملڪ ۽ سماج جو سڀ کان معزز طaبقو آهن اهي پنهنجي ڪردار کي اهڙو بڻائن جئين قوم انهن تي فخر ڪري ، هن چيو ته استاد ۽ آبادگار ريڊ زون ۾ احتجاج نه ڪن کين پوليس ڪجهه نه چوندي ريڊ زون پوليس جو نه پر سنڌ حڪومت جو تعين ڪيل آهي . اي ڊي خواجه چيو ته سندس دئور ۾ پوليس اندر ڪا به سياسي مداخلت نه آهي،  هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٿاڻا ڪلچر هڪ ڏينهن هفتي جا مهيني ۾ ٺيڪ نه ٿيندو اڻ لاءِ وقت لڳندو جنهن لاءِ ميرٽ تي ڀرتيون، گورننس جي شديد ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پوليس جو نظام عوام جي تعاون کانسواء نه ٿو هلي سگهي پوليس ۽ عوام ۾ ويڇا ختم ڪرڻ لاء سي پي ايل سي جو قيام عمل ۾ آندو ويو سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ننڍا ننڍا مسئلا جيڪي سالن تائين عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ رهن ٿا اهي سي پي ايل سي ۾ حل ڪرڻ لاءِ سي پي ايل سي ٽيمون جوڙيون وينديون. هن اڳوڻي ايس ايس پي دادو شبير سيٺار جي سي پي ايل سي جي قيام جي ساراهه ڪندي چيو ته سي پي ايل سي هڪ سال جي مختصر وقت ۾ 750 ننڍا ننڍا اختلاف بنا ڪيس داخل ڪرڻ جي حل ڪرائي ماڻهن کي کير کنڊ ڪيو. آئي جي سنڌ جو چوڻ هو ته مال جي ڀيل تي 100 ماڻهون مارجي وڃن ٿا اسان کي ننڍن اختلافن کي وساري سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ جي مجموعي ترقي لاء ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پوليس ۾ نوڪري ميرٽ تي ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *