نيب چيئرمين جي ويڊيو پٺيان پيپلز پارٽي جو هٿ ناهي : آصف علي زرداري جي ترديد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نيب چيئرمين جي ويڊيو ۾ پيپلز پارٽي جي ملوث هئڻ جي ترديد ڪري ڇڏي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي صحافي کائنس سوال پڇو ته شيخ رشيد چوي ٿو ته نيب چيئرمين جي تڪراري ويڊيو پٺيان پيپلز پارٽي جو هٿ آهي؟ . ان تي اڳوڻي صدر آصف زرداري ٽهڪ ڏيندي جواب ڏنو ته اسان اهڙا ڪم ناهيون ڪندا. آصف زرداري کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان نيب چيئرمين جو متبادل ڳولي رهيا آهيو ؟ جنهن تي هن جواب ڏيندي چيو ته جنهن سرڪار کي ڳولڻو آهي اها پاڻ ڳولي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *