ميڊيا جيترو آزاد ۽ مضبوط هوندو جمهوريت ايترو ئي مضبوط ٿيندي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميڊيا جيترو آزاد ۽ مضبوط هوندو جمهوريت ايترو ئي مضبوط ٿيندي، قائمه ڪميٽي ميڊيا جي بهتري لاءِ لائين آف ايڪشن بڻائي، اسان ان تي عمل ڪنداسين، جڏهن ميڊيا مالڪن کي رهتون ڏينداسين ته پهريان صحافين جي رهتن جي ادائگي انشور ڪنداسين، ميڊيا، پي ٽي وي، پيمرا ۽ ٻين ادارن جي بهتري لاءِ اپوزيشن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين، اربع تي جاويد لطيف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ بابت قائمه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾فردوس عاشق اعواڻ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پارليامينٽ ۾ اسان حڪومت ۽ اپوزيشن نه پر عوام جي نمائندي ۽ ان وٽ جوابده آهيون، هن چيو ته ميڊيا جي آزادي ۾ ڪو به مسئلو اچي ته اسان بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين، هن چيو ته پي ٽي وي قومي ادارو آهي جيڪو قومي اميدن موجب ڪم ڪندو، هن چيو ته ميڊيا کي 10 کان 15 سيڪڙو اشتهار سرڪاري شعبي مان ملن ٿا، 85 سيڪڙو خانگي شعبي مان ملن ٿا، هن چيو ته گذريل حڪومت جي واجب ادا اشتهارن جي مسئلن جي حل لاءِ اسان سنجيندگي سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اخبارن جي مالڪن ۽ اطلاعات وزارت جي اشتهارن بابت انگ اکر ڌار هئا، ڳالهين کانپوءِ ميڊيا ۽ اطلاعات وزارت وچ ۾ معاملا گهڻي ڀاڳي طئه ٿي چڪا آهن، هن چيو ته هڪ طريقيڪار طئه ڪري چڪا آهيون، ميڊيا مالڪن کي رهتون ڏينداسين ته ميڊيا ڪارڪنن جي رهتن کي انشور ڪنداسين، هن چيو ته ڪوشش آهي ته ميڊيا مالڪن پاران عيد کان اڳ صحافين جون رهتون ادا ٿي وڃن، هن چيو ته ميڊيا، پي ٽي وي، پيمرا ۽ ٻين ادارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ اپوزيشن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *