قانون تي يقين رکڻ وارا ماڻهو آهيون پر تنگ ڪيو ويو ته دمادم مست قلندر ٿيندو: پ پ اڳواڻ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻن جيالن تي پوليس تشدد خلاف ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسان قانون تي يقين رکڻ وارا ماڻهو آهيون پر تنگ ڪيو ويو ته دمادم مست قلندر ٿيندو. جيالن تي پوليس طرفان واٽر ڪينن جي استعمال تي گرفتارين ۽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته اسان پر امن ۽ قانون تي يقين رکڻ وارا ماڻهو آهيون، پر ڪارڪنن کي تنگ ڪيو ويو ته پوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو. سينيٽر شيري رحمان به چيو آهي ته تبديلي وارا هڪ هٿين خالي ڇوڪري کان ڊڄن ٿا، ڪارڪنن کي گرفتار ۽ سخت گرمي ۾ تشدد ڪيو ويو . شيري رحمان ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته نيب آفيس ويندي جيالن تي شيلنگ ڪئي وئي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيوويو، اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ۽ سخت گرمي ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. پ پ ايم اين اي شازيه مري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪارڪنن جي گرفتاريون برداشت جوڳيون ناهن، قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه ثوبيه ۽ مسرت مهيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪارڪنن تي لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي وئي، پوليس عورت پارليامنٽرينز ۽ جيالن تي به تشدد ڪيو.  پ پ اڳواڻ چوڌري منظور به چيو ته جيالن کي روڪڻ بزدالاڻي ڪارروائي آهي، حڪومت بلاول جي للڪار کان گهٻرائجي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *