عمران صاحب کي هاڻي پرڏيهي دورن لاءِ به پنڻو پوندو : ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب هر جڳهه تان موڪل، شاباس، گهر ويهي نوازشريف جي ٻاهرين ملڪن جي دورن جي خرچن جو حساب ڪريو هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب اهو ئي فرق هوندو آهي سليڪٽڊ ۽ چونڊيل ۾ هن چيو ته عمران صاحب اهو فرق هوندو آهي جڏهن ملڪ 2.5 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهيو هوندو آهي ۽ جڏهن ملڪ 5.8 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهيو هجي هن چيو ته عمران صاحب شاباش گهر ويهي ڪوڙ ڳالهايو، الزام لڳايو ۽ اوهان کي جيئن وڻي تيئن ڪريو هن چيو ته عمران صاحب نه ڇڏجو انهن کي جن اوهان کي گهرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هن چيو ته عمران صاحب گهٻرائجو نه اوهان ته موت برداشت ڪري وٺو ٿا هن چيو ته عمران صاحب اوهان جي ڪري ملڪ بدنام ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *