نيب قانون تبديل ڪرڻ جو چيو هو پر حڪومت ڪجهه نه ڪيو: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته حڪومت کي نيب قانون تبديل ڪرڻ جو چيو هو پر ان تي عمل نه ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب لينڊ ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر امتياز حيدر جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته تاثر ڏنو ويو سپريم ڪورٽ نيب قانون ۾ سختي ڪري ڇڏي آهي، چيو ويو ته ڪنهن کي نقصان يا فائدو پهچائڻ لاءِ عدالت قانون سخت ڪيو، عدالت سختي ناهي ڪئي رڳو قانون جي پوزيشن واضح ڪئي هئي، حڪومت کي نيب قانون تبديل ڪرڻ جو چيو هو پر حڪومت ڪجهه نه ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ان معاملي کي اسان تفصيل سان ٻڌنداسين ته مڪمل انصاف ڪنداسين، ٿي سگهي ٿو اسان ان سڄي ڪيس کي ختم ڪري ڇڏيون، هڪ سال 8 مهينن جو وقت تمام وڏو آهي، قانون ۾ 30 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي، امتياز حيدر جو ڪو ڪردار نٿو ٺهي، کيس پنهنجي ڪردار کي ڏسڻو آهي. سپريم ڪورٽ امتياز حيدر جي ضمانت جي درخواست منظوري ڪري ورتي، جڏهن ته جوابدار جو پاسپورٽ جمع ڪرائڻ جي نيب جي اپيل رد ڪندي جوابدار کي 10-10 لکن جا ٻه مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *