نيب نثار کهڙو، سراج دُراني ۽ رئوف کوسو خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م.ڊ) نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اڳوڻي صوبائي وزير نثار کهڙو، اسپيڪر آغا سراج دُراني ۽ اڳوڻي ايم پي اي عبدالرئوف کوسو خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته فرزانه راجا ۽ علي احمد لنڊ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي سربراهيءَ ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران مختلف ريفرنسز ۽ انڪوائريز جو جائزو ورتو ويو. نيب ترجمان جي پڌرائي موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران 6 ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اڳوڻي چيئرپرسن فرازانه راجا خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته سنڌ ۾ مبينا طور 13 هزار غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ وارو ريفرنس علي احمد لنڊ ۽ ٻين خلاف داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جوابدارن تي الزام آهي ته سنڌ جي مڪاني کاتي ۾ جعلي ڀرتيون ڪير قومي ناڻي کي نقصان پهچايو آهي. ترجمان موجب نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ٽن انويسٽيگيشنز (جاچ) جي به منظوري ڏني آهي، جنهن موجب خوراڪ کاتي جي اڳوڻي وزير نثار کهڙو ۽ ٻين خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي، ان کانسواءِ ايگزيڪيوٽو بورڊ 15 انڪوائريز جي به منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني ۽ اڳوڻي ايم پي اي عبدالرئوف کوسو خلاف انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي آهي. اُن کانسواءِ سنڌ روشن منصوبي جي عملدارن ۽ نوشهروفيروز روينيو کاتي جي عبدالحق سوڌو ٻين آفيسرز خلاف به انڪوائري شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيب جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، بليغ الرحمان ۽ ن ليگ ايم اين راڻا ثناءُ الله خلاف وڌيڪ انڪوائريز جي به منظوري ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *